گورنر سنڌ اسڪولن تي قبضا ڪندڙ ذميوارن خلاف ڪارورائي ڪري نه ته استعيفيٰ ڏئي: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شاهه فيصل ڪالوني جي علائقي گرين ٽائون ۾ آصف بوائز اسڪول ۽ اختر گرلز سيڪنڊري اسڪول تي قبضا مافيه طرفان قبضو ڪرڻ ۽ ان کي مسمار ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين سخت مذمت جو اظهار ڪيو آهي، الطاف حسين جو چوڻ آهي ته گورنر ذميوارن خلاف فوري ڪارروائي ڪري ۽ جيڪڏهن نه ٿو ڪري سگهي ته استعيفيٰ ڏئي، ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين معاملي تي فوري طور تي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد سان رابطو ڪري هدايت ڪئي آهي ته آصف بوائز اسڪول ۽ اختر گرلز سيڪنڊري اسڪول تان قبضا ختم ڪرائي انهن اسڪولن جي تعمير جي جلد شروعات ڪئي وڃي اسڪولن جي تعمير مڪمل ٿيڻ تائين ٻارڙين جي تعليم جو جلد متبادل انتظام ڪيو وڃي، جن عنصرن اسڪولن کي مسمار ڪيو آهي انهن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ڀلي اهي ڪيترا به بااثر هجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *