گهڻو ڪري روڊ حادثا گاڏين جي ميڪينڪلي طور تي فٽنس نه هئڻ ڪري ٿيندا آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گهڻو ڪري روڊ حادثا گاڏين جي ميڪينڪلي طور تي فٽنس نه هئڻ ڪري ٿيندا آهن، سندس حڪومت صوبي ۾ سمورن قسم جي گاڏين جي جديد طريقي سان انسپيڪشن ۽ سرٽيفڪيشن جو نظام قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. هن اها ڳالهه اڄ صوبائي ٽرانسپورٽ کاتي ۽ هڪ سوئڊش فرم اوپس انسپيڪشن فار وهيڪل انسپيڪشن اينڊ سرٽيفڪيشن سسٽم (وي آءِ سي ايس) وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ معاهدي تي صحيح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. تقريب ۾ چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي، سوئيڊش ڪمپنيءَ جي نمائندن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ 4.78 ميلن گاڏيون بشمول 2.98 موٽرسائيڪل رجسٽرڊ آهن. هن چيو ته روڊ تي ان فٽ گاڏين جي موجودگيءَ سان نه رڳو ماحولياتي آلودگي پکڙجي ٿي بلڪه روڊ حادثا به ٿين ٿا. وڏي وزير چيو ته ان منصوبي جو مقصد ماڻهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي جهڙوڪ گهڻو ڪري روڊ حادثن جي نتيجي ۾ اموات پراڻي گاڏين جي ڪري ٿينديون آهن. هن چيو ته ان منصوبي تحت سموري صوبي ۾ ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي فڪسڊ سان گڏ موبائل جيڪي جديد سامان سان موٽر وهيڪل انسپيڪشن (ايم وي آءِ) سينٽر قائم ڪيا ويندا جيڪي گاڏين جي فٽنس کي يقيني بڻائيندا. ان منصوبي جي اسڪوپ تحت سمورن ماڊلن جون ڪمرشل گاڏيون ۽ ٻيون گاڏيون جن جي لائيف 5 سالن کان وڌيڪ هوندي اهي موٽر وهيڪل انسپيڪشن ونگ (ايم وي آءِ) کان سانئنسٽيفڪ انسپيڪشن ذريعي فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهنديون. واضح رهي ته اهو نظام سوئيڊش ڪمپني اوپس انٽرنيشنل (آءِ اين سي) جي سهڪار سان متعارف ڪرايو پيو وڃي. جنهن تحت روڊ تي هلندڙن جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو ۽ سموري صوبي ۾ ان جي دائري کي وڌايو ويندو ۽ ايم وي آءِ مرڪز قائم ڪيا ويندا ته جيئن روڊ سيفٽي کي بهتر بڻائي سگهجي. صوبائي ٽرانسپورٽ واري وزير سيد ناصر شاهه پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ان منصوبي جو اهم مقصد سمورين گاڏين جو عالمي معيار جي روشني معائنو ڪرڻ ۽ گاڏين جي بهتر ريت چڪاس ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان منصوبي جي بدولت ان فٽ گاڏين جي ڪري ٿيندڙ حادثن کان بچي سگهندا سين ۽ صوبي جي هزارين ماڻهن جي زندگي بچائي سگهبي. هن چيو ته مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته وي آءِ سي ايس تحت سڄي صوبي ۾ 17 اسٽيشن بشمول ڪراچيءَ ۾ 7 اسٽيشن قائم ڪيا ويندا. وڏي وزير چيو ته وڌندڙ گاڏين ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ آلودگي ۽ ٻين مسئلن جي تدارڪ لاءِ حڪومت اهو اهم قدم کنيو آهي جنهن سان نه رڳو ماحول کي تحفظ حاصل ٿيندو بلڪه روڊ سيفٽي کي به يقيني بڻائي سگهجي سگهجي ٿو. وي آءِ سي ايس منصوبي جي فائدن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ان سان ميڪنيڪل طور تي خراب پبلڪ سروس گاڏين جي ڪري ٿيندڙ ٽريفڪ حادثن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ان فٽ گاڏين جي ڪري پيدا ٿيندڙ ماحولياتي آلودگيءَ کي به قابو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ان منصوبي سان گاڏين جي شفاف طريقي سان انسپيڪشن ۽ سروس ڊليوري به بهتر ٿيندي ۽ ان سان ماڻهن جو ٽرانسپورٽيشن انفرااسٽريڪشن ۾ اعتماد ۾ واڌ ٿيندي ۽ روزگار جا موقعا پڻ وڌندا. وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو ته حڪومت نه رڳو ماحول کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿه پر ماڻهن جي زندگيءَ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ به ڪوشان آهي. وي آءِ سي ايس پروجيڪٽ روڊ سيفٽي ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان هڪ انقلابي قدم ثابت ٿيندو جيڪو اڄ جي دنيا جو هڪ اهم مسئلو آهي. ان مرعاتي معاهدي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالرحيم سومرو ۽ اوپس جي نائب صدر جيمز اي اسٽينڊ صحيحون ڪيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *