گهٽ لاڳت سان بجلي پيدا ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪيون وڃن: وزير اعظم جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نواز شريف گهٽ لاڳت وسيلي بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن ان کي عام ماڻهن جي سگهه ۾ آڻي سگهجي، عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ گرمي جي ايندڙ موسم تائين بجلي جي سپلائي بهتر بڻائي وڃي ۽ بجلي جي تيز رفتار پيداوار جي رستي ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن، توانائي بابت معاملن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي توانائي جي باري ۾ ڪابينا ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس هلندڙ هفتي ئي ٿيندو. وزيراعظم جي صدارت ۾ سومر ڏينهن هتي توانائي جي باري ۾ ڪابينا ڪميٽي جو ڇهون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم اجلاس دوران هدايت ڪئي ته عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ گرمي جي ايندڙ موسم تائين بجلي جي فراهمي بهتر بڻائي وڃي. بجلي جي تيز رفتاري سان پيداوار ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم توانائي جي کوٽ تي قابو پائڻ لاءِ مدد ڪرڻ تي عالمي تعاون جي به آجيان ڪئي، اجلاس ۾ گذريل پنجن اجلاسن جي فيصلن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم کي 2012ع تائين مڪمل ٿيندڙ پاور پراجيڪٽس جو جائزو پيش ڪيو ويو، اجلاس دوران توانائي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ پاڻي، گئس، شمسي، ونڊ ۽ پن بجلي جي ڊگهي، وچي ۽ ننڍي مدي وارن منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزير شاهد خاقان عباسي، پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڄام ڪمال، پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي، وزيراعطم جي صلاحڪار سرتاج عزيز، طارق فاطمي، وزيراعظم جي ترجمان مصدق ملڪ ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *