گهٻرائڻ وارو ناهيان، منهنجو پلان اپوزيشن کي سمجهه ۾ ئي نه ايندو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعطم عمران خان چيو آهي ته پهريان به هن مافيا جو مقابلو ڪيو هاڻي به ڪندس. بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ سڀني جو حساب چڪتو ڪري ڇڏيندس ذريعن مطابق وزيراعطم عمران خان جي صدارت ۾ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن جو اجلاس ختم ٿي ويو جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، فواد چوڌري، فرخ حبيب ٻين اڳواڻن ۽ قانوني ٽيم شرڪت ڪئي ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙي وئي بي اعتمادي رٿ کي منهن ڏيڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا اجلاس ۾ سينيئر اڳواڻن موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ جون تجويزون ڏنيون بي اعتمادي رٿ جي سمورن قانوني پاسن جو جائزو ورتو ويو اجلاس ۾ اتحادين سان ٿيندڙ ملاقاتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ اتحادين پاران ڏياريل خاطري تي اطمينان جو اظهار به ڪيو ويو اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مان انهن هٿڪنڊن کان گهٻرائڻ وارو نه آهيان پنجاب ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن تي ضابطو آڻي وٺنداسين وزيراعطم اجلاس ۾ اهو به چيو ته سمورا ميمبر منهنجو ساٿ ڏيندا پريشاني جي ڪائي ڳالهه نه هن چيو ته اهڙي پلان تيار ڪري ڇڏيو آهي انهن کي سمجهه ۾ ئي نه ايندو ذريعن مطابق اجلاس ۾ سينيئر اڳواڻ چيو ته اپوزيشن جي رٿ کي ناڪام بڻائينداسين شاهه محمود قريشي چيو ته اپوزيشن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪرڻ واري آهي ذريعن اهو به ٻڌايو ته پرويز خٽڪ چيو ته اپوزيشن جا ڪيترائي ميمبر اسان سان ساٿ ڏيندا اسان پنهنجو هوم ورق مڪمل ڪري ورتو آهي اپوزيشن کي ڪجهه ڏينهن خوش ٿيڻ ڏيو ان کي سرپرائز ڏينداسين وفاقي حڪومت وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ ٽيڪنيڪي بنياد تي ناڪام بنائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *