”گهن چڪر ۽ شادي ڪي سائيڊ افيڪٽس“ جهڙين ڪاميڊي فلمن ۾ ناڪامي ملڻ کان پوءِ به ڪاميڊي کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي: وديا بالن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن چيو آهي ته هن ڪاميڊي ڪردارن کي نظرانداز ناهي ڪيو ۽ نه وري انهن بس ناهي ڪئي، ”گهن چڪر ۽ شادي ڪي سائيڊ افيڪٽس“ جهڙين ڪاميڊي فلمن ۾ ناڪامي ملڻ کان پوءِ به ڪاميڊي کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪاميڊي فلمن جو اسڪرپٽ صحيح نه هجڻ ڪري فلمون ناڪام ويون ۽ مان جذباتي ڪردار ڪرڻ ۾ پاڻ کي فٽ محسوس ڪندي آهيان، ان ڪري اهي فلمون ڪامياب وڃن ٿيون، پر تنهن هوندي به مزاحيه فلمن کي نظر انداز ناهي ڪيو، هن چيو ته مهيش ڀٽ جي فلمن مان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ 1983ع واري ”ارٿ“ فلم جو هن جي ذاتي زندگيءَ تي به تمام گهڻو اثر پيو آهي، هن چيو ته موهت سوري جي فلم ”هماري اڌوري ڪهاني“ (جنهن ۾ عمران ۽ وديا مرڪزي ڪردار پيا ڪن) انساني جذبات، پيچيدگين، عدم تحفظ، ڊپ ۽ پيار جهڙن عنصرن تي ٻڌل آهي، جيڪا ڏسندڙن کي تمام گهڻو پسند ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *