گهرو وزير انگريزي اخبار جي خبر کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، ڏڦيڙين لاءِ ڊڪٽيٽر آهيان: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت ڊان نيوز جي خبر هٿ ٺوڪي آهي، صحافي سيرل ميڊال ڪميٽي آڏو پيش ٿيندو، سندس خبر مڪمل ڪوڙ تي ٻڌل هئي. پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته پي ٽي آءِ جاچ ڪميٽي مان سيساسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. پاناماليڪس جي جاچ ۾ دير جا ذميوار مخالف آهن. سندن رويي جي ڪري جاچ ۾ دير ٿي. هن چيو ته ڊان نيوز وارن چيو آهي ته صحافي سرل الميڊا  ڏيهه ايندو، کيس ڏيهه اچڻ جو چيو آهي. هن چيو ته جيڪي ملڪ ۾ ڏڦيڙ چاهين ٿا آئون انهن لاءِ ڊڪٽيٽر آهيان. نيشنل سيڪيورٽي جي اجلاس جي خبر ٻاهر اچي وڃي اها ليڪس آهي، جنهن خبر کي ليڪس چيو وڃي ٿو اها ننڍڙي خبر هئي. چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري جي بريفنگ ۾ اڪيلائي جو ڪٿي به ذڪر ناهي. اها ته دشمن جي افواهه آهي ته پاڪستان اڪيلو ٿي رهيو آهي. آءِ ايس آءِ جي سربراهه ۽ وڏي وزير ۾ منهن ماري ٿي ئي ناهي ته پوءِ هي ڪهڙي ليڪس آهي.  انگريزي اخبار جي خبر مڪمل هٿ ٺوڪي هئي.  هن چيو ته مشڪري هلي رهي آهي، اڳيان قوال ۽ پويان تاڙيون وڄائڻ وارا ويٺا آهن. ٻئي طرف وفاقي گهر وزير چوڌري نثار چيو آهي ته جعلي سڃاڻپ ڪارڊن خلاف مهم شروع ڪئي ۽ نادرا مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار نادرا جي آن لائين ڪمپلينٽ سسٽم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته هر ضلعي ۾ پاسپورٽ آفيس قائم ڪري رهيا آهيون، 29 هزار جعلي پاسپورٽ رد ڪيا ويا آهن.  نادرا مان هيل تائين 700 ماڻهن کي نيڪالي ڏني وئي آهي، ايندڙ سال فيبروري تائين ملڪ جي هر ضلعي ۾ پاسپورٽ آفيس هوندي. هن چيو ته شاگردن تائين اقبال جو پيغام پهچائڻ گجرجي، موڪل ڏئي گهر ۾ اقبال ڊي ناهي ملهايو ويندو پر اسڪولن ۾ اقبال جي فڪر تي سيمينار ۽ پروگرام رٿي اقبال ڊي ملهايو وڃي جڏهن ته پاڪستان ۾ موڪلن جو انگ وڌيڪ آهي ۽ اسان کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ۽ فريب جو طوفان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *