گهارو ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي، 2 نوجوان فوت،2زخمي

گهارو (رپورٽر) گهارو ڀرسان قومي شاهراهه تي سجاول کان ڪراچي ويندڙ ڪار تيز رفتاري سبب گهارو گولائي ڀرسان ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ سجاول واسي نوجوان جگديش ڪمار موقع تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٽي ڄڻا گڊو،هريش ڪمار ۽ جهامنداس سخت زخمي ٿي پيا، فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر گهارو آندو ويو جتان زخمين کي طبعي امدا ملڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي هڪ زخمي گڊو پڻ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو، جڏهن ته ٻن زخمين کي ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته ٻنهي فوتي نوجوانن جا لاش ضروري ڪاروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته ڪار مڪمل طور تباهه ٿي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *