گمبٽ/کهڙا/ڪوئٽا ۾ خوفناڪ روڊ حادثا، 17 ڄڻا فوت

گمبٽ/کهڙا /زوب( ويب ڊيسڪ )گمبٽ ويجهو قومي شاهراهه تي  موٽر سائيڪل کي مسافر ڪوچ جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا چار ڀاتي فوت ٿي ويا.  اٽڪ پمپ وٽ تيز رفتار مسافر ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾  کھڙا واسي پرڀومل. چندو مل. راجا  ۽ ڪنڊياري واسي سريش ڪمار اجل جو شڪار بڻجي ويا.   پورھيت رنگسازي  جو ڪم ڪند هئا مزدوري ڪرڻ لاءِ کھڙا کان راڻي پور وڃي رهيا هئا ته اوچتو تيز رفتار مسافر ڪوچ جو ٽڪر ٿي پيو.  حادثي کانپوءِ ھتان جي مقامي ماڻهن  فوتين مامڙهه  کڻائي گمبٽ گمس اسپتال منتقل ڪيا جتان قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا مڙهه گهرپهڇڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته علائقي جو ماحول پڻ سوڳوار بڻجي ويو.

ڪوئيٽا قومي شاهراهه تي خطرناڪ ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ست زخمي ٿي پيا.بلوچستان جي شهر زوب ۾ ڪوئٽا قومي شاهراهه تي قلعا سيف الله ويجهو ٽرڪ ۽ وين ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب حادثي ۾ فوتين جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي، مسافر وين ڪوئٽا کان زوب اچي رهي هئي ته خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي.  لاشن ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ کين فوري طور امداد ڏني پئي وڃي. ذريعن موجب پوليس حادثي واري هنڌ کي سيل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حادثي جو اصل سبب جاچ لاءِ جاچ جو سلسلو به جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *