گلگت بلستان ۾ عام چونڊن جي شيدول جو اعلان، پولنگ 8 جون تي ٿيندي

اسلام آباد(اي پي پي) گلگت بلتستان جي عام چونڊن جون شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق 8 جون تي پولنگ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن گلگت بلتستان طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق رٽرننگ آفيسر طرفان اميدوارن کان نامزدگي ڪاغذ 26 ۽ 27 اپريل تي وصول ڪيا ويندا، جن جي ڇنڊڇاڻ 28 اپريل کان 4 مئي تائين ڪئي ويندي. رٽرننگ آفيسرن طرفان نامزدگي ڪاغذن جي رد يا منظور ٿيل خلاف اپيلون 8 مئي تي داخل ڪيون وينديون، جڏهن ته ٽرنبيونل طرفان اپيلون 15 مئي تائين اُڪلايون وينديون. نامزدگي ڪاغذ 16 مئي تي واپس وٺي سگهبا جڏهن ته اميدوارن جي حتمي فهرست 17 مئي تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته پولنگ 8 جون سومر ڏينهن ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *