اسلام آباد (اين اين آءِ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) گلگت بلتستان جي چونڊن جا نتيجا رد ڪندي گلگت بلتستان ۾ اليڪشن نتيجن کي پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪري ورتو سومر تي پنهنجي بيان ۾ مولانا فضل الرحمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته گلگت بلتستان ۾ هڪ دفعو ٻيهر 2018 جي تاريخ ورجائي ويئي گلگت بلتستان ۾ چونڊون نه پر ونڊ ورهاست ٿي آهي مولانا فضل الرحمان چيو ته سليڪٽڊ ۽ نااهل حڪمرانن کي گلگت بلتستان جو رزلٽ هضم نه ڪرڻ ڏينداسين هن چيو ته پاڪستان کان پوءِ هاڻي پي ٽي آءِ کي گلگت بلتستان جو ٻيڙو ٻوڙڻ نه ڏينداسين مولانا فضل الرحمان گلگت بلتستان چونڊن جا نتيجا پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته پي ڊي ايم ايندڙ ٿيندڙ اجلاس ۾ گڏيل حڪمت عملي جوڙي ويندي.