گلگت بلتستان ۾ پيپلزپارٽي اميدوار کي ڪهڙي ڏوهه عيوض گهران گرفتار ڪيو ويو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ پيپلزپارٽي اميدوار جاويد قريشي کي گذريل رات ڪهڙي ڏوهه عيوض گهران گرفتار ڪيو ويو. قومي اسيمبلي اجلاس دوران هن چيو ته حاليه ڏينهن ۾ گلگت بلتستان ۾ چونڊون ٿيون ۽ اسان سمورن تحفظات باوجود انهن کي قبوليو پر اُتي پيپلزپارٽي جي اميدوار جاويد قريشي کي گذريل رات کنڀي ٿاڻي ۾ وڌو ويو، هو 0 0 3  ووٽن تان هاريو آهي، حڪومت ٻڌائي ته اسان جو قصور ڇا آهي، اسپيڪر سردار اياز صادق دفاعي پيداوار جي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان ايوان کي آگاهه ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *