
اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير چوڌري فواد چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام کي معاشي ۽ سياسي طور تي مضبوط ڪرڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجيحي آهي گلگت بلتستان جو عوام پاڪستان سان محبت ڪري ٿو ان جي خواهشن جي روشني ۾ گلگت بلتستان کي آئيني ۽ انتظامي لحاظ کان بااختيار بڻائينداسين اربع تي چوڌري فواد حسين سان گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمد شفيع ملاقات ڪئي چوڌري فواد چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي معاشي ۽ سياسي طور تي مضبوط ڪرڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجيحي آهي هن چيو ته قانوني فريم ورڪ تحت گلگت بلتستان کي آئيني ۽ انتظامي حق فراهم ڪيا پيا وڃن مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت گلگت بلتستان ۾ مختلف منصوبن لاءِ فنڊ غير شفاف ۽ بدعنواني جي بنياد تي ورهايا هن چيو ته اميد ڪيون ٿا ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت گلگت بلتستان جي عوام کي سندس جائز حق ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کڻندي.