گلگت بلتستان جي عوام کي حق حاڪميت ۽ ملڪيت ڏيارينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

اسڪردو  (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀتو زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهي هتان جي عوام کي حق حاڪميت ۽ حق ملڪيت ڏيارينداسين عوام کي عمران خان کان بچائڻو آهي پيپلزپارٽي ڪامياب ٿي ته گلگت بلتستان جو عوام پاڪستان لاءِ فيصلا ڪندو گلگت بلتستان ۾ چونڊ مهم دوران اسڪردو جي علائقي روندو ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته روندو جو عوام پنهنجي طاقت کي سڃاڻو اوهان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿ ڏنو هو ته هتان ايف سي آر ۽ راجگيري نظام جو خاتمو ڪيو هو هن چيو ته جڏهن اوهان شهيد بينظير ڀٽو جو ساٿ ڏنو هو ته گلگت بلتستان ۾ جمهوريت آئي هئي ۽ ليگل فريم ورق آرڊر پاس ڪيو ۽ هتي چوندون ڪرايون اوهان آصف زرداري جو ساٿ ڏنو ته گلگت بلتستان اسيمبلي ڏياريو، گلگت بلتستان کي پهريون وزيراعظم به ڏياريو ۽ عوام کي روزگار به مليو هن چيو ته پ پ پ جو ساٿ ڏجو ڇو ته جيڪو خواب ذوالفقارعلي ڀٽو ڏٺو هو ۽ هتان جي عوام سان جيڪي واعدا بينظير ڀٽو شهيد ڪيا هئا اهي پورا ڪرڻا آهن پ پ پ چيئرمين چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي حق حاڪميت ح ق مليت ڏيارڻو آهي گلگت بلتستان جي آواز کي اسلام آباد تائين پهچائڻو آهي اڄ تائين ماڻهو اسلام آباد ۾ ويهي هتان جا فيصلا ڪري رهيا آهن هن چيو ته جيڪڏهن پ پ پ ڪامياب ٿي ته گلگت بلتستان جو عوام پاڪستان لاءِ فيصلا ڪندو. پ پ پ چيئرمين چيو ته ماضي وانگر ذوالفقار علي ڀٽو زرعي سڌارا ڪيا هئا ۽ هاڻي به ڪنهن کي زرعي سڌارا ڪرڻا آهن. ته پاڪستان پيپلزپارٽي آهي ڪارڪنن جي جذبي کي ساراهيندي هن چيو ته مان اوهان جي جذبي ۽ محبت کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهان جنهن نموني سان گلگت بلتستان جي هر علائقي ۾ آجيان ڪئي ويئي ۽ محبت ملي آهي اها ڪڏهن به وساري نٿو سگهان ۽ سڄي ڄمار نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ هتان جو آواز ۽ نمائندو بڻجي ڪم ڪنداسين هن چيو ته هي صرف اقتدار ۽ حڪومت ٺاهڻ جي ويڙهه نه آهي پر گلگت بلتستان جي مستقبل جو سوال آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *