گلستان جوهر ۾ فرنيچر مارڪيٽ کي باهه لڳڻ جو وڏي وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾  فرنيچر مارڪيٽ کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي لکين رپين جو فرنيچر سڙي ويو، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه باهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي کي معاملي جي ذاتي طور نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي  آهي. ڪامران چورنگي ويجهوپراڻي فرنيچر جي مارڪيٽ کي باهه لڳي وئي، جنهن  کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن مان گهرايل 6 فائر برگيڊز گاڏين هڪ ڪلاڪ جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو. مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سبب لکين رپين جو فرنيچر سڙي ويو، جڏهن ته باهه لڳڻ سبب گلستان جوهر کان مختلف علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه باهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي کي معاملي جي ذاتي طور نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *