گلالئي جا الزام: تحريڪ انصاف پارلياماني ڪميٽي کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ): تحريڪ انصاف عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ لاءِ بڻجندڙ پارلياماني ڪميٽي کي رد ڪري ڇڏيو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف اڳواڻ شفقت محمود جو چوڻ هو ته عائشه گلالئي جي الزامن تي پارليامينٽ جيڪا ڪميٽي بڻائي رهي آهي، ان ۾ اسان جا سياسي حريف شامل هوندا، جيڪي اسان جو چهرو ڏسڻ نٿا چاهين، جيڪي ان مهم جا ڪرتا ڌرتا آهن، اهي ڪهڙيءَ ريت شفاف جاچ ڪندا، شفقت محمود چيو ته تحريڪ انصاف کي ڪنهن جاچ کان ڪو انڪار ناهي ۽ هر تحقيق لاءِ تيار آهيون ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ ٿئي پر اسان جي سياسي حريفن جي هيٺان بڻائجندڙ ڪميٽي ڪهڙيءَ ريت شفاف جاچ ڪري سگهي ٿي، تحريڪ انصاف اڳواڻ جو چوڻ هيو ته مسلم ليگ (ن) سياست کي گندگي طرف وٺي وڃي رهي آهي، ان لاءِ جيڪڏهن سياست ان طرف وئي ته تمام خرابي ٿيندي، خبر هئي مسلم ليگ (ن) عمران خان ۽ تحريڪ انصاف خلاف گندي مهم شروع ڪندي ۽ بلڪل اهڙيءَ ريت اخلاق کان ڪريل ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪي اڳتي به نظر اينديون، جڏهن ته اسان نٿا چاهيون سياست کي غلط ڪيو وڃي، شفقت محمود چيو ته ڪردار ڪشي ڪرڻ مسلم ليگ (ن) جو پراڻو ڌنڌو آهي، ان کان اڳ ماضي ۾ به بينظير ڀٽو ۽ نصرت ڀتو جون نازيبا تصويرون جهازن ذريعي لاهور ۾ اڇلايون ويون هيون، مسلم ليگ (ن) کي مخاطب ڪندي تحريڪ انصاف اڳواڻ چيو ته جيڪي شيشي جي گهرن ۾ رهندا آهن، انهن کي پٿر نه اڇلائڻ گهرجي، اوهان جي ڪابينا جي ماڻهن ۽ ليڊرن جي ماضي جي سڀني کي خبر آهي، جيڪڏهن سياست ان طرف وئي ته گهڻي خرابي ٿيندي، شفقت محمود جو چوڻ هو ته پاناما ڪيس جي فيصلي بعد حڪومت سپريم ڪورٽ تي حملا ڪري رهي آهي، انهن کي جيڪڏهن عدالتن ڪرپٽ چيو ته اسان نٿا چاهيون ته ڪريل سطح تي وڃون، جڏهن ته سول سوسائٽي جا علمبردار به عدالتي فيصلن تي تنقيد ڪري رهيا آهن، هن چيو ته چوڌري نثار جو ڪابينا ۾ نه اچڻ ثابت ڪري ٿو ته مسلم ليگ (ن) ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، خواجا آصف جنهن کي سفارتي چال چلت جي ڪا خبر ناهي ان کي پرڏيهي وزير لڳايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *