گرين لائين بس سروس جي  آجيان ڪيون ٿا،نوازشريف جڏهن ڦاسندو  آهي ته منهنجي ئي مشوري سان بچندو آهي:خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ ڪراچيءَ ۾ گرين لائين بس سروس جي افتتاح جي آجيان ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته، وزير اعظم نواز شريف سندس مشورن تي عمل نه پيو ڪري، جڏهن ڦاسندو آهي ته سندس مشوري تي عمل سبب ئي بچندو آهي. سکر ۾ ملٽري روڊ جي دوري دوران  ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سيد خورشيد احمد شاهه ته، وزير اعظم ميان نواز شريف سندس مشورن تي عمل نه پيو ڪري جڏهن ڦاسندو آهي ان وقت عمل ڪري بچي ويندو آهي، نواز شريف ڪراچي ۾ ميٽرو بس جو نه پر بس سروس جو افتتاح ڪيو آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي هو هرو ڀرو مخالفت نه ڪندو، هن چيو ته جڏهن نيب سنڌ ۾ ڪارروائيون پئي ڪري هن انهيءَ وقت به پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ ڪارروائيون جي صلاح ڏني هئي، حڪومت  ڪارروائين تي پاڻ ۽ نيب کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي، خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته، کين پڇ ناهي جنهن کي ڊگھو پڇ آهي اهو ئي لت اچڻ کان ڊڄي. ڪجهه مهينن ۾ بجلي بحران جي ڳالهه ڪندڙ هاڻي 2018 جي ڳالهه ڪن پيا،هن چيو ته سنڌ پاڪستان جو حصو آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏئي پيو. ايشيا ڪپ ۽ ٽي 20 ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي مئچ بابت سندس چوڻ هو ته   هو انهن مئچن تي ڪهڙو تبصرو ڪري . پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ مئچ ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي. باقي کٽيندو اهو ئي جيڪو محنت ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *