گرفتار جوابدار راشد عرف ماسٽر زهره شاهد جي قتل جو اعتراف ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ زهره شاهد جي قتل ۾ ملوث مبينه جوابدار راشد عرف ماسٽر جو ويڊيو پيغام ميڊيا تي اچي ويو آهي. ويڊيو بيان ۾ جوابدار زهره شاهد جي قتل جي منصوبابندي جو اعتراف ڪيو آهي. 2013 ۾ ڊفينس جي علائقي ۾ زهره شاهد جي قتل ۾ ملوث راشد عرف ماسٽر جو ويڊيو بيان ميڊيا تي نشر ڪيو ويو آهي. بيان ۾ راشد عرف ماسٽر اعتراف ڪيو آهي ته زهره شاهد جي قتل جي منصوبا بندي ڪلفٽن ۾ ڪئي وئي هو موٽرسائيڪلن تي فيز فور پهتو. طارق، آصف گنجا ۽ زاهد عباس عرف زيدي سان گڏ موجود هو. راشد عرف ماسٽر اعتراف ڪيو آهي ته زهره شاهد جي گاڏي گيٽ جي ڀرسان پهتي ته هن فائرنگ ڪئي جنهن کانپوءِ و نديم وٽ پهتو. راشد عرف ماسٽر کي سائوٿ پوليس گرفتار ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *