گرائونڊ ڏسڻ ويس ته گرائونڊمين چماٽ هڻي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو: محمد رضوان

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان جو هڪ انٽرويو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو جنهن ۾ هن ڪجهه دلچسپ ڳالهيون ڪيون آهن محمد رضوان هن انٽرويو ۾ پنهنجي پس منظر سميت مختلف ڳالهيون ڪندي چيو سڀني کي خبر آهي ته منهنجو تعلق ڪنهن وڏي خاندان سان ناهي ۽ نه ئي هن جو تعلق ڪنهن غريب خاندان سان آهي، ان جي ابتڙ هن جو تعلق هڪ مڊل ڪلاس سان آهي، اهو ئي سبب هو جو ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ هن وٽ سامان به نه هو قومي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته مان جڏهن ڪرڪيٽ گرائونڊ ڏسڻ لاءِ گرائونڊ تي پهتس ته گرائونڊ مين مون کان پڇيو ته هتي ڇا پيو ڪرين؟ مون فوراً جواب ڏنو ته مان گرائونڊ ڏسڻ آيو آهيان جنهن تي هُن مون کي پٺيان چماٽ هڻي چيو ته هتان ٻاهر نڪري وڃ سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي حوالي سان رضوان جو چوڻ هو ته هن وٽ فيس بڪ آهي ۽ نه ئي انسٽاگرام اڪائونٽ، سواءِ تصديق ٿيل ٽوئيٽر اڪائونٽس کان ٻيو ڪو به اڪائونٽس نه آهي ۽ هڪ واٽس اپ اڪائونٽ آهي جيڪو صرف پنهنجي خاندان لاءِ مخصوص آهي، ان کان علاوه کيس سوشل ميڊيا بابت ڪا به خبر ناهي اهو ئي سبب آهي جو جڏهن وزڊن ڪرڪيٽر ايوارڊ ڏنو ويو ته ان جي خبر ڪنهن ٻئي رانديگر ذريعي ڏني وئي، رضوان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪرڪيٽ ٽيم جي حوالي سان ڪو مسئلو هجي ته اسان جو ميڊيا مئنيجر ابراهيم مون کي آگاهه ڪندو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *