گذريل دور ۾ پرڏيهين کي بنا چڪاس اچڻ جي اجازت ڏني وئي، هاڻي ايئن نه ٿيندو: چوڌري نثار

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته گذريل حڪومت جي دور ۾ ويزا جاري ڪرڻ جو ڪوبه رڪارڊ موجود نه آهي اسان ملڪ ۾ آن لائين ويزا سسٽم متعارف ڪرائي رهيا آهيون جڏهن به ڪو پاڪستاني ويزا جي لاءِ درخواست ڏيندو ته سمورن ادارن کي ان جي ڄاڻ هوندي ايف آءِ اي کي ايميگريشن کان جدا ڪيو ويندو هاڻي هڪ هڪ ويزا جي درخواست جي مڪمل جاچ ۽ سيڪيورٽي ڪليئرنس ٿيندي آهي ان عمل سان پرڏيهي سفيرن ۽ آفيشلز کي به گذرڻو پوندو آهي سوشل ميڊيا تي توهين واري مواد جي معاملي تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي پهريان فيس بوڪ وارا مڃيندا نه هئا هاڻي اهو پنهنجو نمائندو پاڪستان موڪلي رهيا آهن گذريل ڪجهه مهينن ۾ 62 صفحا جڏهن ته گذريل ٽن ڏينهن ۾ 45 ويب سائيٽس کي بلاڪ ڪيو ويو آهي آصف زرداري منهنجي اباڻي ڳوٺ اچي مان ان کي ڀليڪار چوندس پر ايندڙ اليڪشن ۾ ان جي اميدوار جي ضمانت ضبط ٿي ويندي. آصف زرداري سان ڪابه ذاتي دشمني نه آهي سخت سياسي اختلاف آهن مون کي اهو اطمينان ٿيندو ته جن ماڻهن خلاف اربين کربين جي ڪرپشن جا ڪيس آهن اهي چوڌري نثار جو نالو وٺي رڙيون ڪري رهيا آهن گهرو وزير پريس ڪانفرنس ڪندي ويزا جاري ڪنهن به ملڪ لاءِ اهم ۽ حساس مسئلو هوندو آهي جڏهن اها خبر آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ ويزا مادر پدر آزاد ڪيا ويا آهن جڏهن مان اپوزيشن ليڊر هيس ته مان اهو مسئلو اٿاريو هو ته بغير سيڪيورٽي چيڪ پرڏيهي هتي اچن ٿا ڪوئيٽا گوادر اسلام آباد ۽ وڌيڪ شهرن جي ناڪن تي پرڏيهي پڪڙيا ويا ۽ پوءِ انهن کي ڇڏيو ويو مان جڏهن به مسئلو اٿاريو ته گذريل دور جي ٻنهي حڪومتن ان جو ڪونه ڪو جواب نه ڏنو بليڪ واٽر جا ماڻهو هتي رهن ٿا اسلام آباد ۾ 400 گهر اهڙا هئا جنهن جي رهواسين جي باري ۾ ڄاڻ نه هئي ته انهن گهرن ۾ ڪير رهن ٿا جڏهن مون کي ڄاڻ پئي ته هڪ سفير کي بغير سيڪيورٽي ادارن جي چيڪ ويزا ڏيڻ جي اجازت ڏني ويئي هئي ان نوٽيفڪيشن کي مان 2014 ۾ رد ڪري ڇڏيو پهريان ماڻهو بغير ويزا ۽ دستاويزن جي پاڪستان ۾ ايندا رهيا پر هاڻي ايئن نه آهي هاڻي ڪابه ايئرلائين بغير ويزا ۽ دستاويزن جي ڪنهن کي پاڪستان واپس نٿي آڻي سگهي ان حوالي سان ايئرلائين کي 9 ڪروڙ رپين جو ڏنڊ به رکيو ويو آهي هن چيو ته وزيراعظم سان اڄ ئي منظوري ورتي آهي جنهن تحت پاڪستان ويزا جي لاءِ درخواستون آن لائين ورتيون وينديون جهڙي طرح وڌيڪ ملڪن ۾ ٿيندو آهي ته جڏهن به ڪوئي پاڪستاني ويزا جي لاءِ درخواست ڏي ته ان جي ڄاڻ سمورن ادارن کي هجڻ گهرجي هن چيو ته آن لائين سروسز جڏهن ڪم شروع ٿيندو ته معاملا وڌيڪ شفاف ٿي ويندا هن چيو ته پهريان جهاز ڀري پرڏيهي مان پاڪستان کي واپس موڪليو ويندو هو پر هاڻي ايئن نه ٿيندو صرف هڪ ڪيس ۾ انساني همدردي تي ڀارت مان هڪ عورت کي بغير دستاويز پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏني جيڪا اتي جيل ۾ هئي. ان جي مڪمل تصديق کان پوءِ ان کي وطن واپس آندو ويو هن چيو ته پهريون ڀيرو فيس بوڪ انتظاميه انتهائي سٺو جواب ڏنو آهي گذريل ڏينهن هي خط مون کي مليو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته توهين واري مواد بابت اسان توهان جي ڳڻتي کي سمجهون ٿا ۽ گذريل ڪجهه مهينن ۾ 62 صفحن کي بلاڪ ڪيو ويو آهي ۽ گذريل ٽن ڏينهن ۾ 45 ويب سائيٽس بلاڪ ڪيون ويون آهن. پاڪستان سفير اعزاز چوڌري آمريڪي حڪومت ۽ ايف بي آءِ تائين اسان جا خدشا پهچايا آهن هن چيو ته اسان کي ايمان کان وڌيڪ ڪوبه عزيز نه آهي ناموس رسالت کان وڌيڪ ڪابه شئي نه آهي اسان سوشل ميڊيا کي به ان جو پابند بڻائينداسين ته آزادي جي اظهار جي نالي تي مذهب اسلام جي تزهيڪ نه ڪئي وڃي اهو ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري جو سبب بڻجي ٿو هن چيو ته آمريڪا ۾ اڳوڻي پاڪستاني سفير جيڪي ويزا جاري ڪيا انهن جو ڪوبه رڪارڊ نه آهي پر هاڻي ايئن نه ٿيندو جيڪو سسٽم اسان جوڙي رهيا آهيون ان تحت ڪٿان به ايندڙ ويزا درخواست سينٽرل ڊيٽا سسٽم سان جڙيل هوندي ۽ جڏهن ويزا جاري ٿيندي ته ان جو رڪارڊ سمورن کاتن وٽ هوندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ويزا جو رڪارڊ نه هجي ته اهڙي شخص کي ايئرپورٽ کان ئي واپس موڪليو ويندو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران چڪري ۾ جلسي ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چڪري منهنجو اباڻو ڳوٺ آهي ۽ اسان آصف زرداري کي ڀليڪار ڪنداسين مان ان کي پنهنجي گهر ۾ دعوت ڏيندس پر هو ياد رکي ته ايندڙ اليڪشن ۾ آصف زرادري جي اميدوار جي ضمانت ضبط ٿي ويندي. گهرو وزير شرجيل ميمڻ جو نالو کڻڻ بغير چيو ته هو پنج ارب رپين جي ڪرپشن جو حساب ڏي چوڌري نثار چيو ته مون کي اها خوشي ٿيندي ته جنهن جي خلاف اربين کربين جي ڪرپشن ڪيس آهن اهي چوڌري نثار جو نالو وٺي رڙريون ڪري رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *