گذريل حڪومت جا قرض لاٿا، اسان ڪِشتو ناهي  کنيو: اسحاق ڊار

لاهور(م.ڊ) وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب ۾ ڪيترائي دهشتگرد سوگها ڪيا ويا آهن،هاڻوڪي حڪومت ڪشتو ناهي کنيو، گذريل حڪومت جا به قرض لاٿا. ذريعن مطابق لاهور ۾ ايف بي آر آفيس ۾ خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته معاشي بهتري آڻڻ سولو ڪم ناهي. حڪومت معيشت کي صحيح واٽ تي هلائڻ لاءِ پڪو ارادو رکي ٿي،انڪم ٽيڪس جي شين ۾ 23 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا 20 ارب ڊالر کان مٿي ٿي ويا آهن،اسحاق ڊار چيو ته اسان دهشتگردي تي گهڻي حد تائين ضاببطو آندو آهي، دهشتگردن جي خلاف آپريشن آخري مرحلن ۾ آهي،ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم نوازشريف واڌو فنڊ ختم ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت هاڻي فاٽا جي متاثر علائقن جي تعمير ڪرائي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *