لاهور(اي پي پي) وفاقي حڪومت گجرانواله ۾ خميس ڏينهن پيش آيل خوفناڪ ريل حادثي جي جاچ لاءِ انسپيڪٽر ريلويز ميان ايم ارشد جي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني گڏيل جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. جمعي ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ڪميٽي ۾ پاڪستان ريلويز جا 3 ميمبر شامل آهن جنهن ۾ پاڪستان ريلويز جي ايڊيشنل جنرل مينيجر ميڪينڪل لياقت علي چغتائي، اي جي ايم انفراسٽرڪچر همايون رشيد ۽ چيف ميڪينڪل انجنيئر لوڪو موٽوز مجيد بيگ شامل آهن جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ پاڪ فوج جو ميجر جنرل شهزاد سڪندر، برگيڊيئر نسيم بيگ ۽ ڪرنل محمد فهيم شامل آهن. پاڪستان ريلويز هيڊڪوارٽر لاهور جي سيفٽي برانچ جاچ جي عمل ۾ سهڪار ڪندي. جاچ ڪميٽي فوري طور تي جاچ جو ڪم مڪمل ڪندي.