ڪھڙو احتساب، ڪھڙي شفافيت, نيب آرڊيننس سان حڪومت پنھنجو پاڻ کي اين ارو ڏئي ڇڏيو: رضا رباني

ڪراچي (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين پيپلزپاري جي سينيٽر ميان رضا رباني چيو آهي ته پي ٽي آئي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ڇا جو احتساب، ڪهڙي سفافيت ۽ ڪهڙي سٺي حڪمراني، نيب آرڊيننس سان حڪومت پاڻ کي اين آر او ڏئي ڇڏيو آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي ۽ ٻيا به موجود هئا رضا رباني نيب آرڊيننس جو پوسٽ مارٽم ڪندي چيو ته ڪابينه، ماتحت ڪميٽيون گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي نيب جي پهچ کان پري ڪيو ويو آهي، حڪومتي شخصيتن، فورمز ۽ فيصلن کي تحفظ ڏيڻ کان پوءِ پي ٽي آئي جو احتساب جو بيانيو مري چڪو آهي، پي ٽي آئي رڪارڊ مهانگائي کان پوءِ ايندڙ اليڪشن نٿي کٽي سگهي نيب آرڊيننس سان پيش بندي ڪئي پئي وڃي اپوزيشن کي اليڪشن کان اڳ نااهل ڪرائڻ چاهين ٿا هن چيو ته موجود آرڊيننس 1999 جي اصل آرڊيننس سان ٽڪراءُ آهي هي نيب نه پر اپوزيشن آرڊيننس آهي موجوده ڪابينه پارليمان آڏو جوابده نه آهي ملڪ 1962 جي شيڊو آئين تحت هلايو پيو وڃي ملڪ کي صرف هڪ اهڙي قانون جي ضرورت آهي جنهن ۾ هڪ به مقدس ڳئون نه هجي رضا رباني چيو ته نيب آرڊيننس جي سرڪلر جي ذريعي ڪابينه کان منظوري ان کان وڏي ڪائي مذاق نٿي ٿي سگهي نيب آرڊيننس 1999 جي نيب آرڊيننس جي بنياد اصول ۽ ضابطن جي خلاف اهي مٿئين ايوان ۽ هيٺئين ۽ عدليه مطابق بنياد جي خلاف ڪائي ترميم نٿي آڻي سگهجي هن چيو ته نيب چيئرمين جي واڌ نٿي ٿي سگهي جنهن کي واڌ وٺڻي آهي اهو ڪنهن حڪم جي چوڻ تي حڪومت جو احتساب ڪندو جيڪا ٿوري گهڻي ٽرانسپيرسي هئي اها به ختم ٿي وئي آهي. جيڪڏهن ڪو شاهد ڪورٽ نٿو اچي سگهي ته اهو وڊيو لنڪ سان پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي سگهي ٿو اسان ڏٺو آهي ته ايئن عدالتي سسٽم کي استعمال ڪيو وڃي ٿو هي ڪهڙي ٽرانسپيرنسي آهي رضا رباني نيب آرڊيننس جي هڪ هڪ شق ۾ موجود ٽڪراءُ بيان ڪندي چيو ته جن ماڻهن کي نيب جي دائري مان ڪڍيو ويو آهي انهن جي ڊگهي لسٽ آهي پروسيجرل ليپسس کي به نيب جي دائري مان ڪڍيو ويو آهي، ايڊوائر، رپورٽ ۽ پريويو کي به نيب دائري مان ٻاهر ڪري ڇڏيو ته پٺيان ڇا بچيو آهي هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته نيب عدالت ۾ رٽائرڊ ججز جي مقرري ماضي ۾ سٺو تجربو ناهي رهيو. هو آزاد عدليه تي هڪ ضرب لڳائي ٿي جڊيشنل پاليسي ۽ بار ڪائونسلز به رٽائرڊ ججن جي بيڪنگ سميت ٻين ٽربيونلز ۾ مقرري جي مخالف آهي هن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو تهموجوده صورتحال جون ذميوار سياسي پارٽيون به آهن سياسي پارٽين پنهنجو ڪردار ادا ناهي ڪيو اپوزيشن تي الزام هو ته اين آر او گهري ٿي ايئن نٿو ٿي سگهي ته عدليه ۽ فوج پنهنجي احتساب جو الڳ طريقيڪار رکڻ ۽ سياستدانن لاءِ نيب آرڊيننس هجي هن نيب آرڊيننس کي رد ڪندي چيو ته سياسي پارٽين پنهنجو جوڳو ڪردار ادا ناهي ڪيو هي آرڊيننس حڪومتي اين آر او آهي واضح ٿي ويو ته اين آر او ڪنهن کي مليو آهي اين آر او ڪير گهري رهيو آهي. هن چيو ته ڊگهي عرصي کان اسان پي ٽي آئي طرفان احتساب جو نذريو ٻڌندا آيا آهيون پر حڪومتجي آرڊيننس کان پوءِ اهو نظريو ختم ٿي ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *