ڪڻڪ کوٽ جو ذميوار وفاق قرار، عدالتي فيصلا مسئلا پيدا ڪن ٿا: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته آئنده موٽرسائيڪل سوار کي هيلمٽ سان گڏ ٻئي سائيڊ شيشا لڳائڻ به لازمي هوندا ته جيئن حادثن ۾ ڪمي اچي سگھي. 15 آڪٽوبر کان خوراڪ کاتو ڪڻڪ رليز ڪرڻ شروع ڪندو ۽ هن سال 100 ڪلو گرام ڪڻڪ جو اگھ 4875 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سبسڊي جي طور تي سنڌ حڪومت 13 ارب روپيا ڏيندي محمود اٻاد، گجر نالي ۽ اورنگي ٽائون نالي جي متاثرن کي رليف ڏيڻ لاءِ زمين سنڌ حڪومت فراهم ڪري رهي آهي ۽ گڏوگڏ ان منصوبي لاءِ هڪ ارب روپين جي رقم رکي آهي. سنڌ اسميبلي کانسواءِ اهڙو ڪو به فورم ناهي جيڪو سنڌ جي خرچن جي منظوري ڏئي سگھي. سنڌ بينڪ جي ڪيپٽل کي پورو ڪرڻ لاءِ 2 ارب روپيا ڏنا پيا وڃن سڀ کان پهرين عمران نيازي جون آف شور ڪمپنيون آهن ۽ سڀ کان پهرين هن ئي امينسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪيو آهي. ۽ هاڻ پينڊورا پيپرز تي بين الاقوامي ٺڳن کي شيلٽر ڏيڻ جي لاءِ اپڻ ئي ڪميشن بڻائي سربراهي ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن بني گالا ڪجھ رقم ادا ڪري قانوني ٿي سگھي ٿو ته نسله ٽاور سميت ٻيون تعميرات ڇو نٿيون ٿي سگھن. پر افسوس جواسان وٽ قانوني تعميرات ۾ ايتريون مشڪليون آهن جو ماڻهون غير قانوني تعميرات ۾ پنهنجا پئسا لڳائين ٿا اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ميڊياکي بريفنگ ڏيندي ڪندي ڪيو. سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ 4 کاتن اسڪول ۽ ڪاليج، ڪلچر ۽ محنت جي کاتن جي جاري ترقياتي ڪمن بابت وزيرن برينفگ ڏني. هن چيو ته عدالتي فيصلن جيڪري ترقياتي ڪمن ۾ انهن کاتن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي هن چيو ته معزز عدالت سڳوري او پي ايس ۽ ٻيڻي چارج جي خاتمي جو چيو آهي ۽ حقيقت ۽ زميني حقيقت آهي ته اسان وٽ ايترا آفيسر موجود ناهين جو هو بغير ٻٽي چارج ۽ او پي ايس جي کاتي جي ڪمن کي سرانجام ڏئي سگھن. هن چيو ته اسان وٽ گريڊ 20هين جون اڌ کان وڌيڪ جايون خالي آهن. ۽ اهي جايون پبلڪ سروس ڪميشن جي تحتئي پوريون ڪري سگھجن ٿيون. اهڙي ريت اسان وٽ ايڪس سي اين جي ڪمي آهي ۽ ان جي مٿانعدالت سڳوري اهو حڪم ڏنو آهي ته ڊپلومه وارا انجنيئر فيلڊ ڪم نٿا ڪري سگھن. ان سموري صورتحال ۾ اسان جي جاري ترقياتي ڪمن ۾ شديد ڏکائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ڪابينا هڪ اهم عوامي مسئلي کي ڏسندي موٽر وهيڪل جي قانون ۾ ترميم ڪئي آهي ۽ ان جي تحت هاڻ موٽر سائيڪل وارن کي هيلمٽ سميت ٻئي سائيڊ جا شيشا لڳائڻا پوندا. هن چيو ته ٽرانسپورٽ ڊپارٽ منٽ ان ڳالھ جي گھر ڪئي هئي ته موٽر سائيڪل ۾ شيشا نه هجڻ جيڪري حادثن ۾ واڌارو ٿيو آهي. سعيد غني چيو ته سنڌ ڪابينا جيل جي قانون 2013 کان پهرين قيدين کي تعليم حاصل ڪرڻ تي رعايت ملڻ ۽ بعد ۾ 2013 ۾ رعايت ختم ڪرڻ بعد هڪ قيدي پاران هائي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو ته هو ان قانون ان پهرين تعليم حاصل ڪري چڪو هو پر کيس رعايت نه ڏني وئي. جنهن تي معزز عدالت جيل کاتي کي اهو هدايت جاري ڪئي هئي ته ان سلسلي ۾ ڪابينا اصولي طور تي ان ڪيس سميت باقي 7 ڪيسن جو جائزو وٺي ڪري ان کي اصولي طور تي ان رعايت جي لائق قرار ڏنو آهي پر ان سلسلي ۾ جيل کاتي ۽ گھرو کاتي کان ڪليرنس وڻي پوندي. سعيد غني چيو ته ڪابينا جاتي جي ماڳ تي قطر مان آيل هڪ رائل فيملي کي قانون جي تحت شڪار جي اجازت ڏني آهي ڪابينا جي اجلاس ۾ محمود آباد، گجر نالي ۽ اورنگي ٽائون نالي جي متاثرن جي بحالي جي حوالي سان اٽارني جنرل سنڌ پاران عدالت پاران بحريا ٽائون جي رقم جي ادائگي جي انڪار کان پوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو هن چيو ته آئيني ۽ قانوني طور تي بحريا ٽائون جي رقم سنڌ جي عوام تي ئي خرچ ٿيڻي آهي ۽ انهن متاثرن جي بحالي تي اربين روپيا خرچ ٿيڻا آهن ۽ اهو سڀ معزز عدالت جي حڪمن تي ئي ٿيڻو آهي ان ڪري اٽارني جنرل سنڌ معزز عدالت کي اپيل ڪئي هئي ته اها رقم سنڌ حڪومت کي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن سندن حڪمن تي متاثرن کي بحال ڪيو وڃي هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 118 جي تحت جيڪو پئسو صوبي جو آهي اهو ان صوبي جي فنڊ جو حصو هوندو آهي ۽ ان آئين جي آرٽيڪل 120 جي تحت ڪنهن به صوبي ۾ خرچن جي منظوري صوبي جي اسيمبلي وٽ هوندي آهي. سنڌ اسمبلي کانسواءِ ڪنهن به فورم کي اهو اختيار  ناهي جو هو صوبي جي خرچن جي منظوري ڏئي. هن چيو ته اسان کي عدالت جي پاران انهن پئسن تي رٽائرڊ يا حاضر جج جي سربراهي ۾ ڪميٽي تي ڪو به اعتراض ناهي پر خرچن جي منظوري فقط اسيمبلي ئي ڏئي سگھي ٿي. هن چيو ته ڪابينا انهن متاثرن جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت پاران زمين جي فراهمي کان پوءِ هڪ ارب روپيا رکيا ويا آهن پر انهن متاثرن جي بحالي لاءِ اهو فنڊز ناڪافي آهن. هن چيو ته سنڌ ڪابينا خوراڪ کاتي کي 15 آڪٽوبر کان ڪڻڪ رليز ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ هن سال في 100 ڪلو گرام ڪڻڪ جو اگھ 4875 روپيا رکيو ويو آهي. جيڪا سمورن صوبن جي برابر آهي ۽ ان تي سنڌ حڪومت 12.98 ارب روپين جي سبسڊي ڏيندي. هن چيو ته نيب ڪجھ ڪيسن ڪڻڪ کي سيل ڪيو هو ۽ چيو هو ته گدامن مان 94290 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ غائب آهي جڏهن ته بعد ۾ ٻين گدامن ۾ رکي وئي 33917 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ آفيسرن ٻڌائي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت 12 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پروڪيومنٽ جي هئي ۽ اها 15 آڪٽوبر کان رليز ٿيڻ شروع ٿيندي. ته ايندڙ نئين فصل جي اچڻ تائين صوبي جي لاءِ ڪافي هوندي. هن چيو ته وفاقي وزير صاحب الزام لڳايو آهي ته سنڌ پاران ڪڻڪ رليز نه ڪرڻ جيڪري ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته پوري ملڪ ۾ سالياني ڪڻڪ جي کپت 2 ڪروڙ 80 لک ميٽرڪ ٽن آهي جڏهن ته فقط پنجاب 1 ڪروڙ 95 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پيدا ڪندو آهي جڏهن ته سمورن صوبن سان گڏجيڪل کپت ۾ 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ڪمي ٿي سگھي ٿي ۽ اهي ڪمي به گذريل سال جي موجود ڪڻڪ سان پوري ٿي سگھي ٿي هن چيو ته پاڻ عمران نيازي جي اي ٽي ايمز 46 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ کائي ويا هن چيو ته حقيقت اها آهي ته انهن بين الاقوامي ٺڳن ۽ اي ٽِي ايمز نه فقط سستي اگھن تي ڪڻڪ امپورٽ ڪئي پر کنڊ سان به اهو ئي ڪيو ۽ ان کان پوءِ مهانگي ڪڻڪ ۽ کنڊ ايڪسپورٽ ڪري ملڪ جي عوام جي کيسن تي اربين روپين جو ڌاڙو هنيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي دور ۾ بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ پيٽرول 140 ڊالر في بيرل هو ۽ هاڻ 70 ڊالر في بيرل آهي پر پيپلز پارٽي دور ۾ ڪڏهن به پيٽرول جا گھ ايترا نه ٿيا انهن بين الاقوامي ٺڳن جي لاءِ هڪ رات ۾ پيٽرول تي 25 روپيا في ليٽر جو واڌرو به اوگرا جي منظوري جي بغير ان ئي نيازي ۽ ان جي اي ٽي ايمز ڪري عوام جي کيسن تي راتو رات اربين روپين جو ڌاڙو هنيون. ايل اين جي هجي پيٽرول هجي دئاون هجن يا وري گئس ۽ بجلي جي اگھن ۾ واڌارو هجي سڀ ان نالائق ۽ نااهل وزير اعظم پنهنجي اي ٽي ايمز جن ان کي وزير اعظم ڪرڻ جي لاءِ انويسٽ ڪيو آهي انهن کي نوازڻ لاءِ ڪيو. سعيد غني چيو ته ان ئي نالائق وزير اعظم ڪڻڪ ۽ کنڊ تي ڪميشن پاڻ ٺاهيو ۽ ان جي رپورٽ ۾ ثابت ٿيو ته ڪير ڪير ملوث آهي پر ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي جيڪڏهن اها ڪارروائي ٿئي ها ته سڀ کا پهرين پاڻ عمران نيازي، ناڻي وارو وزير، وزير اعليٰ پنجاب ۽ سندس ڪابينا جا ماڻهون جيل وڃن ها. هن چيو ته هاڻ پنڊورا پيپيرز به ان نالائق وزير اعظم ڪميشن ٺاهي انهن ٺڳن کي شيلٽر ڏيڻ لاءِ اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته جهڙي ريت پناما پيپرز ۾ عمران نيازي جو موقف هو اهوان ئي موقف تي رهي ۽ انهن سمورن پارليماني ميمبرن ۽ ڪابينا جي ميمبرن کان استعيفا وٺي ته جيئن حقيقت سامهون اچي. هڪ سوال جي جواب تي هن چيو ته نالا متاثرن کي هر مهيني 15 هزار روپيا ڪرائين جي ڏس ۾ ٻن سالن تائين ڏيڻ جو فيصلو سنڌ ڪابينا نه پر اين ڊي ايم اي ۽ پي آئي سي جي تحت بڻيل ٻن ڪميٽن ڪيو هو اها وفاق جي تجويز هئي انهن کي وزير اعظم جي نيا پاڪستان هائسنگ اسڪيم ۾ گھر ڏنا ويندا پر اهي به 3 لک روپين جي سبسڊي ۽ باقي هائوس بلڊنگ جي لان جي مدد سان ڏيڻا هئا. پر ان نالائق وزير اعظم جي 50 لک گھرن جي اسڪيم به اڃان اسڪيم آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته غير قانوني تعميرات تي سختي ضرور هجڻ گھرجي پر ان سان گڏوگڏ قانون تعمير ۾ نرمي ۽ سهولت ڏيڻ گھرجي هن چيو ته ڪراچي جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ سڀني کي پنهنجا سر ڍڪڻ لاءِ گھر جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن قانوني طور تي گھر ٺاهڻ ۾ مشڪليون هونديون ته لازمي آهي ماڻهون  غير قانوني تعميرات ڏانهن ويندا. هن چيو ته جيڪڏهن عمران نيازي جو بني گالا جو معاملو پئسا ڌئي قانوني ٿي سگھي ٿو ته ته نسله ٽاور هجي يا ٻيون جيڪي مڪمل ٿي چڪيون آهن انهن کي به رعايت ملڻ گھرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران نيازي 20 سال پهرين آف شور ڪمپني جو مالڪ آهي ۽ ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪيو آهي پاڻ سندس ڀيڻ ايف بي آر کي پئسا ڏئي پنهنجي ڪاري پئسي کي صاف ڪيو آهي ۽ هاڻ هي سمورا ٺڳ ان جي هٿ هيٺ آهن هڪ سوال تي هن چيو ته بالا متاثرن جي لاءِ جيڪڏهن معزز عدالت بحريا ٽائون جي رقم فراهم نٿي ڪري ته ۽ ان کان پوءِ به اسان تي زور ڀري ٿي ته انهن کي آباد ڪيون ته مجبورن اسان کي ترقياتي فنڊز مان ڪٽوتي ڪرڻي پوندي ۽ ان مان عوام کي ئي نقصان ٿيندو ۽ اسان ٿعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ ترقياتي ڪمن جي فنڊز جي ڪٽوتي تي مجبور ٿينداسين ڇو ته اسان وٽ پهرين ئي موجود نااهل وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسين جيڪري صوبي کي ملندڙ فنڊز ۾ ڪمي جيڪري اسان سان فنانشل اشوز آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *