ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪري هٿ سان بحران پيدا ڪيو ويو: وڏو وزير

راڻيپور /خيرپور(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي جي حضور ڪندڙ نه پر عوام جي خدمتن ۽ صوبي ۾ امن و امان برقرار رکڻ وارو آفيسر گهرجي. خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پوليس ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن ۽ انهن قربانين کي رائيگان نه وڃڻ گهرجي، هن صوبي جي چونڊيل سياسي حڪومت جون پاليسيون ماڻهن جي بهتري جي لاءِ ئي هونديون ڇو ته اسان عوام جا نمائندا آهيون ۽ پوليس آفيسر انهن جا خادم آهن. راڻي پور ۾ هڪ ڪروڙ جي ڌاڙي ۽ بدامني جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته پوليس جي ڪري راڻي پور سميت ڪجهه ضلعن ۾ بدامني جو ماحول پيدا ٿيو آهي ۽ ان بدامني جي ماحول جي ڪري ئي ڪابينا گڏيل طور تي فيصلو ڪيو هو ته ان جو حل اِهو ئي آهي ته آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پوليس صوبي ۽ ملڪ ۾ امن امان جي قيام جي لاءِ جيڪي جانيون ڏنيون آهن، انهن کي اسان ڪجهه نااهل آفيسرن جي ڪري رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اسان کي جي حضوري ڪندڙ ماڻهو نه پر اُهو ماڻهو گهرجي جيڪو صوبي ۾ امن امان برقرار رکي سگهي ۽ صوبي جي عوام جي خدمت ڪري سگهي ڇو ته هو خادم آهي. هن چيو ته جيڪڏهن نااهل آفيسرن کي بچايو ويندو ته بدامني جي صورحال پيدا ٿيندي ۽ جيڪڏهن نااهل آفيسر پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي لاءِ عوامي نمائندن تي ڪوڙا الزام هڻندا ته اِها عوام جي تذليل آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان عوامي نمائندا آهيون، عوام جي بهتري کي نظر ۾ رکندي پاليسي آڻيندا آهيون ۽ ان پاليسي تي هر سرڪاري ملازم ۽ خادم کي عمل ڪرڻو پوندو.  سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ راڻيپور پهچي ويو، ايم اين اي سيد فضل علي شاھ، ايم پي اي سيد احمد رضا شاھ جي سئوٽ درگاھ غوثيه دستگير جي اڳوڻي گادي نشين مرحوم پير غلام غوث شاھ جيلاني جي وفات تي تعزيت ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته وفاق جي نااهلي سبب ملڪ ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيو آھي، ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪري هٿ سان بحران پيدا ڪيو ويو آهي، غريب عوام جي مٿان اٽي جو بحران پيدا ڪري مهانگائي جو جبل ڪيرايو ويو آهي، مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ تعليم بهتر آھي، اسان والدين به آھيون، ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ اپاءُ وٺي رهيا آھيون، تعليمي بورڊن تي نظرثاني ڪري رهيا آھيون، ڪرپشن يا مارڪس جي لاءِ ڪي ثبوت مليا ته انشاءَ الله ڪاروائي ڪنداسين، بلدياتي چونڊون وقت تي ٿينديون، خيرپور سوڌو پوري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *