ڪڏهن ڪنهن بالي ووڊ اداڪار سان ملڻ جي لاءِ ان جي گھر جي ديوار اورانگھن جي ضرورت ناهي پئي: ڪرينه ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ادڪارا ڪرينا ڪپور خان کي لڳي ٿو ته 100 ڪروڙ رپيا ڪمائيندڙ فلم ايوارڊ کان وڌيڪ بهتر آهي. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ دوران ڪرينا ڪپور پنهنجي ذاتي زندگيءَ بابت پڇيل سوال تي چيو ته کيس بي وفا مرد سخت ناپسند آهن، کيس ڪڏهن ڪنهن بالي ووڊ اداڪار سان ملڻ جي لاءِ ان جي گھر جي ديوار اورانگھن جي ضرورت ناهي پئي، پر جيڪڏهن کيس اميتاڀ بچن سان ملڻ جي لاءِ ايئن ڪرڻو پيو ته هوءَ ضرور ڪندي. ڪرينا ڪپور خان چيو ته هوءَ اڄ ڪلهه ڪيترن ئي ڪتابن جو مطالعو ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڀيڻ ڪرشما ڪپور ۽ فلمساز ڪرن جوهر اهڙا دوست آهن جن سان حال احوال ڪندي مزو ايندو آهي. ڪرينا ڪپور جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اداڪارا جي حيثيت ۾ هوءَ هالي ووڊ فلم ۾ ليونارڊو ڊي ڪيپريو سان ڪم ڪرڻ چاهيندي، هن چيو ته مان جڏهن به ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿيندي آهيان ته پنهنجي گھر جي گيلريءَ ۾ لڳل ٻوٽن وٽ ويهي ڪافي پيئندي آهيان، جنهن سان ذهني دٻاءُ دور ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *