ڪڏهن به ناهي چيو ته پاڪستان ۾ داعش جو ڪو وجود ناهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته هن ڪڏهن به ناهي چيو ته پاڪستان ۾ داعش جو ڪو وجود نه آهي اها ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهي آهي، پابندي مڙهيل تنظيمون سندس نالو استعمال ڪري رهيون آهن. ٽيڪسلا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نثار چيو ته آخر ان ڳالهه تي ڇو ضد آهي ته پاڪستان ۾ داعش جو وجود آهي؟ ملڪ ۾ داعش جو تنظيمي ڍانچو ۽ فيصلا ڪندڙ قيادت موجود ناهي. هن انڪشاف ڪيو ته ملڪ ۾ 45 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمون موجود آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي سندس چوڻ هو ته جن کي ڪا خبر ناهي، اهي به چون پيا ته پاڪستان ۾ داعش جو وجود آهي. چوڌري نثار چيو ته ملڪي ڳجهيون ايجنسيون تصديق ڪن پيون ته داعش جو پاڪستان ۾ وجود ناهي. چوڌري نثار چيو ته داعش جي ڪري سڄي دنيا ۾ اسلام بدنام ٿي رهيو آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته داعش هڪ عرب تنظيم آهي، جيڪا اتر آفريڪا تائين پکڙيل آهي. هن چيو ته دهشتگرد سندن نشاني تي آهن، اهي هاڻ ڀڄي رهيا آهن، پر کين نه ڇڏيو ويندو. چوڌري نثار چيو ته کيس خبر آهي ته ڪنهن جي پڇ تي سندس پير آهي ۽ جنهن جي پڇ تي پير آهي، انهن کي به خبر آهي. هن چيو ته خبر ناهي پ پ وارا هر ڳالهه کي پاڻ ڏانهن ڇو سمجهندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته هو سدائين حساب برابر ڪندو آهي، پر اعتزاز احسن ۽ خورشيد شاهه جي بيان بازي بابت هن وزيراعظم جي چوڻ تي خاموشي اختيار ڪئي. هن چيو ته هن ڪڏهن به ناهي چيو ته مولانا عبدالعزيز خلاف ايف آءِ آر ناهي، سندس خلاف 31 ڪيس هئا جن مان 11 کان 12 انتهائي حساس هئا. وفاقي گهرو وزير چيو ته مولانا عزيز پ پ جي دور ۾ خطبا ڏيندو هو، جيڪي هن پنهنجي دور ۾ روڪرايا. هن چيو ته رڳو تعصب جي بنياد تي ڪنهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي، مولانا عزيز سميت ڪو به قانون ٽوڙيندو ان خلاف قدم کنيو ويندو. چوڌري نثار چيو ته جنرل راحيل شريف کي حڪومت جي مڪمل حمايت حاصل آهي، رٽائرمينٽ بابت سندس فيصلو ذاتي آهي. هن چيو ته جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ ۾ اڃا 10 مهينا پيا آهن، آرمي چيف جي مقرري بابت فيصلو ميرٽ کي سامهون رکي ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته عزير بلوچ کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، هو 90 ڏينهن لاءِ رينجرز تحويل ۾ آهي، جاچ رپورٽ سامهون آندي ويندي. چوڌري نثار چيو ته اقتدار ۾ ايندي ئي هنن گم ٿيلن جي معاملي کي سنجيدگي سان ورتو، امن امان صوبائي حڪومتن جو معاملو آهي. هن چيو ته پٺاڻ ڪوٽ واري واقعي جي جاچ لاءِ ٽيم ڀارت موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. چوڌري نثار چيو ته ٽيم کي موڪلڻ جي درخواست جلد ڀارت کي ڏني ويندي. هن چيو ته پٺاڻ ڪوٽ واقعي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جا ڪيترائي اجلاس ٿي چڪا آهن. چوڌري نثار چيو ته جاچ ٽيم جي ڀارت مان واپسي تي ئي اصل صورتحال جي خبر پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *