ڪچي آبادي ڪيس، آئين جي نظر ۾ وزيراعظم، صدر ۽ ريڙهي وارا سڀ برابر آهن; چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، اسلام آباد جي ڪچي آباد ڊاهڻ بابت ڪيس ۾ چئني صوبن کان نيشنل هائوسنگ سوسائٽي 2001 بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي آئين جي نظر ۾

وزيراعظم، صدر ۽ ريڙهي وارا سڀ برابر آهن، ٽيڪس چوري ختم ٿئي ته سڀ معاملا حل ٿي ويندا. چيف جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اسلام آباد جي ڪچي آبادي ڊاهڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت، ايندڙ ٻڌڻي تائين ڪچي آبادي کي ڊاهڻ خلاف اسٽي آرڊر برقرار رکي ڇڏيو آهي.  جسٽس دوست محمد کوسا ريمارڪس ڏنا ته جڏهن ڪچي آبادي ٺهي رهي هئي، ان وقت سي ڊي اي ڪٿي هئي، ڪچي آبادي وارن کي آباد ڪرڻ وارو ڪير هو؟. چيف جسس ريمارڪس ڏنا ته حڪومت وٽ پئسن جي کوٽ ناهي پر ڪم نه پيو ٿئي، ٻڌايو وڃي ته ڪچي آبادي لاءِ ڪيتري رقم رکي وئي آهي. چيف جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته آئين جي نظر ۾ وزيراعظم، صدر ۽ ريڙهي وارا برابر آهن، ٽيڪس چوري روڪي وڃي ته معاملا حل ٿي سگهن ٿا. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته اسلام آباد جي بنگلن ۾ ويٺل ماڻهن کان پڇيو ته اهو سڀ ڪيئن ٺاهيو آهي، رڳو غريبن کي گهر کان بدر نه ڪيو. عدالت، چئني صوبن کان نيشنل هائوسنگ پاليسي 2001 بابت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *