ڪپتان بابر اعظم مٿان زيادتي جو الزم، هي بابر جو نجي معاملو آهي: پي سي بي

لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي ٽيم جي ڪپتان ۽  هن وقت دنيا جي  ڪامياب رانديگرن ۾  چونڊ ٿيندڙ رانديگر بابر اعظم تي هڪ ڇوڪري سنگين الزام هڻي ڇڏيا آهن.گذريل ڏينهن لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حاميزه بابر اعظم تي الزام هڻندي چيو ته بابر مون کي ڪورٽ ميرج جي بهاني گهر مان ڀڄائي ويو  ۽ مختلف جڳهين تي ڀاڙي جي گهرن تي رکندو رهيو. حاميزه نالي ڇوڪريءَ دعويٰ ڪئي آهي ته مون سان زيادتي ڪندڙ ڪوبه عام شخص نه پر بابر اعظم آهي جيڪو هن وقت پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان آهي ڇوڪريءَ جو چوڻ هو ته بابر اعظم سان منهنجو تعلق ان وقت جو آهي جڏهن بابر ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ قدم به نه رکيو هو ۽ بابر هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندو هو.حاميزه جو چوڻ آهي ته بابر اعظم ۽ مان هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا  هئاسين. اسان گڏ وڏا ٿياسين ۽  هو منهنجو  اسڪول فيلو هو جنهن سبب اسان ٻنهي وچ ۾ سٺي دوستي هئي. حاميزه الزام لڳايو ته 2010 ۾ بابر اعظم مون کي منهنجي گهر اچي پسند ڪيو جنهن کي مون قبول ڪري ورتو. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اسان جي دوستي وڌندي وئي ۽ اسان شادي جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي خاندان کي فيصلي کان آگاهه ڪيو. اسان  جي خاندان طرفان صاف انڪار تي 2011 جي دوران بابر مون کي منهنجي گهر مان ڀڄائي ڪورٽ ميرج جي بهاني ڀاڙي جي گهرن تي رکندو رهيو.متاثر ڇوڪري موجب جڏهن مون بابر سان شادي تي زور ڀريو ته بابر جواب ڏنو ته حالتون  ٺيڪ ناهن ٿيون ٿورو وقت گذري وڃي ته اسان شادي ڪري وٺنداسين. پريس ڪانفرنس دوران حاميزه جي وڪيل جو چوڻ هو ته سي سي پي او لاهور وٽ ايف آءِ آر جي درخواست ڏني وئي پر ڪوبه ايڪشن نه ٿيڻ تي هاڻ اها درخواست سيشن ڪورٽ ۾ بڌڻي هيٺ آهي جنهن جي ٻڌڻي 4 ڊسمبر تي ٿيندي جڏهن ته جنسي هراسان ڪرڻ جي ڪيس تي ٻڌڻي پنجين ڊسمبر تي  ٿيندي.ٻئي طرف حاميزه نالي ڇوڪريءَ جي الزامن تي پي سي بي جي ميڊيا ڊائريڪٽر سميع الحسن جو چوڻ  آهي ته هي بابر جو نجي معاملو آهي اسان ان تي  ڪابه ڳالهه نٿا ڪري سگهون. 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *