ڪپتاني جي ڪري بابراعظم جي بيٽنگ متاثر ٿي سگهي ٿي: جاويد ميانداد

 

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بهترين رانديگر جاويد ميانداد امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ڪپتاني جي ڪري بابراعظم جي بيٽنگ متاثر ٿي سگهي ٿي.سرڪاري نيوز ايجنسي اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته بابراعظم ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي موجود آهي. پي سي بي طرفان ان کي ڪرڪيٽ جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جو هن کي تجربو به ناهي. هن چيو ته آسٽريليا جي خلاف سيريز ۾ سرفراز کي ڪپتان برقرار رکڻ گهرجي جڏهن ته بابر کي ان جو نائب مقرر ڪري ان جي تجربي ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي ها. سرفراز جي قومي ٽيم مان برطرفي جي حوالي سان هن چيو ته بطور وڪيٽ ڪيپر اڳوڻي ڪپتان جي ڪارڪردگي بهترين رهي آهي. پي سي بي کي گهرجي ته هو سرفراز کي واپس ٽيم ۾ آڻي. ميانداد پي سي بي کي مشورو ڏيندي چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي جي عالمي ڪپ کي نظر ۾ رکندي سموري ملڪ ۾ اهڙا اسٽيڊيم ۽ پچون ٺاهيون وڃن جنهن مان رانديگرن کي مدد ملي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *