ڪي-4 منصوبي لاءِ اڍائي ارب رکيا ويا آهن، 2 ارب 30 جون تائين ملي ويندا: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناڻي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه پوسٽ بجيٽ ۾ چيو آهي ته نئين بجيٽ ۾ سنڌ جو ٽيڪس ريٽ ٻين صوبن کان گهٽ آهي ، سنڌ جو ٽيڪس ريٽ تمام گهٽ رکيو ويو آهي ان باوجود ايم ڪيو ايم پاران سنڌ بجيٽ رد ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي اسان ڪوشش ڪنداسين ته انهن کي به مطئمن ڪري سگهون، سنڌ جي عوام دوست بجيٽ آهي جنهن سان غريب عوام تي گهڻو بار نه پوندو. اهڙو اظهار هن ڪالهه چيف منسٽر هائوس ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته ڪراچي جي ڪي فور منصوبي جي لاءِ اڍائي ارب روپيا رکيا ويا آهن. سڀ کان وڌيڪ رقم تعليم جي شعبي لاءِ رکي وئي آهي ۽ ٻئي نمبر تي امن امان جي حوالي سان خرچ ڪرڻ جي لاءِ رکي وئي آهي جڏهن ته ٽئين نمبر تي صحت جي شعبي لاءِ بجيٽ رکي وئي آهي ته جيئن غريب عوام کي صحت جون بهتر سهولتون مهيا ٿي سگهن. هن چيوته اسان ڪي ايم سي، واٽر بورڊ، لوڪل گورنمينت سميت ڪنهن به کاتي مان ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍي ناهيون رهيا پر انهن جي مانيٽرنگ جي لاء بهتر نظام جوڙي رهيا آهيون ته جيئن انهن کان ڊيوٽي ڪرائي سگهجي پر جيڪڏهن ڪير مسلسل غير حاضر رهندو يا ڊيوٽي نه ڪندو ته پوءِ ان خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ نان ڊولپمينٽ بجيٽ تي اعتراض اجايا پيا ڪيا وڃن نان ڊولپمينٽ بجيٽ به تمام ضروري هوندي آهي جنهن کي ختم نٿا ڪري سگهون ۽ اها پوري دنيا ۾ رکي ويندي آهي. هن چيو ته اسان جيڪي به منصوبا جوڙيون ٿا انهن کي مسلسل هلائڻ جي لاءِ نان ڊولپمينٽ بجيٽ هجڻ ضروري َآهي ته جيئن انهن منصوبن جي سار سنڀال ۽ مرمت به ٿي سگهي صرف منصوبا جوڙڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا پر انهن جي سار سنڀال به ضروري هوندي آهي. ٻي صورت ۾ اهي عوام کي فائدو نه ڏئي سگهندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته نئين سال جي بجيٽ ۾ 7. 12 ارب روپيا خسارو ڏيکاريو ويو آهي ان خساري کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته صوبائي بجيٽ ۾ 70 سيڪڙو وفاق ڏيندو آهي باقي 30 سيڪڙو صوبا پاڻ ڪليڪشن ڪندا آهن. هن سال به 11 مهينن ۾ وفاق پاران 287 ارب روپيا مليا آهن باقي رهيل رقم 65 ارب روپيا به جلد ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين مليا ناهن ان جي لاءِ وفاق کي خط پڻ اماڻيو آهي اميد آهي ته اهي به جلد ملي ويندا جنهن کان پوءِ ڪافي بهتري اچي ويندي. ان موقعي تي ناڻي وارو سيڪريٽري ، ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري تعليم، چيئرمين ايس بي آر ۽ ٻيا اعليَ عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *