ڪي ڪي خيل ۾ جيٽ جهازن جي بمباري، 21 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور (م.ڊ) سيڪيورٽي ذريعن مطابق  پاڪ هوائي جيٽ جهازن جي خيبر ايجنسي جي وادي تيراهه جي علائقي  ڪوڪي خيل ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو.ذريعن مطابق ڪارروائي ۾ 21 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سندس ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو.ياد رهي ته وفاق جي انتظام هيٺ پاڪ افغان سرحد تي قائم ڏکڻ وزيرستان،خيبر ايجنسي ۽ اورڪزئي ايجنسي سوڌو  7 ايجنسين کي دهشتگردن جو محفوظ ٺڪاڻو سمجهيو ويندو آهي.حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان  وچ ۾ امن جون ڳالهيون ناڪام ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي حملي کانپوءِ پاڪ فوج 15 جون تي ڏکڻ وزيرستان  ۾ آپريشن ضرب عضب  شروع ڪيو هو.ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي مير علي کي دهشتگردن کان خالي ڪرائڻ کانپوءِ  سيڪيورٽي  فورسز آپريشن جو دائرو ڏکڻ وزيرستان جي علائقن تائين وڌائي ڇڏيو.ان کان پهرين خيبر ايجنسي ۽ ان جي ويجهن علائقن ۾  آپريشن “خيبر ون” ۽ “آپريشن خيبر ٽو” هيٺ سيڪيورٽي  فورسز ڪاررواين جي شروعات ڪئي هئي.جيڪي هاڻي ختم ٿي چڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *