ڪي پي ڪي ۽ بلتستان ۾ مينهن ۽ ٻوڏ تباهي آڻي ڇڏي، 41 ماڻهو فوت ٿي ويا

گلگت/پشاور(م.ڊ)  گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ مِينهن تباهي آڻي ڇڏي آهي، مختلف جاين تي ڇتون ڪرڻ  ۽ ٻين حادثن ۾ 41 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ميڊيا رپورٽن مطابق گلگت بلتستان ۾ تيز برساتب سبب چلاس واري واري جچن ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڀاتي فوت ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ پيءُ، سندس پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آهن، ان کانسواءِ چترال جي علائقي ٺينڪ شين ۾ گهر تي جابلو ڇپ ڪرڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ سبب قراقرم رستو ڪيترن ئي هنڌن تان بند ٿي ويو آهي، سوات ۾ تيز برساتن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سوڌو 3 ڄڻا ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويا، جڏهن ته ندي نالن ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي،تيز برساتن بحرين ۾ پڻ تباهي آندي آهي ۽ رابطا پل ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي وئي، برساتن سبب سوات درياهه ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي،جڏهن ته پشاور ۾ رات جو تيز برساتن سبب رستا ۽ گهٽيون ڍنڍن ۾ مٽجي ويون، چارسده ۾ به شبقدر جي ڳوٺ چلماري ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ٻارڙو دٻجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس امڙ ۽ ڀاءُ زخمي ٿي پيا، بالاڪوٽ جي ڳوٺ ڦاگل ڪاغان ۾ پڻ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو، شانگلا ۾ جابلو ڇپ ڪرڻ سب 2 گهر تباهه ٿي ويا، جڏهن  ته ان واقعي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *