ڪي پي ڪي حڪومت جا اربين روپيه ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن؟: چيف جسٽس

اسلام آباد: (م.ڊ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته صحت ڪارڊ جي لاءِ 5 کان 6 ارب روپيه رکيا ويا ته جيئن ماڻهو ان مان پئسا کائيندا رهن.بريسٽ ڪينسر جي وڌندڙ ڪيسز بابت پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت شهرين جي سهوليت لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ وارو ڪم شروع ڪيو آهي.رجسٽرڊ ٿيندڙ هر شهري کي 10 لک روپين تائين علاج جي سهوليت ڏني وئي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان پنج کان ڇهه ارب روپيه مقرر ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن ماڻهو ان مان پئسا کائيندا رهندا. ڪي پي ڪي جي گورنمنٽ سيڪٽر ۾ ته ڪوبه ڪم ناهي ٿي رهيو. جسٽس گلزار احمد چيوته خيبرپختونخواهه جي سرڪاري اسپتالن ۾ نه ڪا ايڪسري مشين ڪم ڪري ٿي نه ئي وري آڪسيجن جو نظام آهي. ڪي پي ڪي حڪومت جا اربين روپيه ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن؟ ڪي پي ڪي اسپتالن ۾ مٿان کان هيٺ تائين سفارشي ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته صحت ڪارڊز جو طريقو ته هجي ڪنهن ڪنهن کي صحت ڪارڊ ڏيندو. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته بلوچستان جو هيلٿ بجيٽ ڪيڏانهن ويندو آهي؟ بلوچستان ۾ اڄ تائين ڪابه اوپن هارٽ سرجري ناهي ٿي. ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ بريسٽ ڪينسر بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *