ڪي فور تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي ته جيئن ڪراچي واسين کي 2018 ۾ پاڻي حاصل ٿي سگهي: سنڌ جو وڏو وزير

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايف ڊبليو او ۽ ڪي فور واٽر سپلاءِ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي آهي ته هُو پنهنجي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري ته جيئن ڪراچي جي واسين کي 2018ع ۾ پاڻي حاصل ٿي سگهي. هن اها ڳالهه اڄ نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڪي فور ۽ لياري ايڪسپريس وي تي جاري ڪمن بابت جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، ڪمشنر ڪراچي اعجاز علي خان، ڪمانڊر ايف ڊبليو او بريگيڊيئر وسيم بابر، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪي فور سليم صديقي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي برگيڊيئر وسيم بابر چيو ته ڪي فور پروجيڪٽ تي ڪينجهر ڍنڍ کان ڪراچي تائين هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. ايف ڊبليو او ٽي يونٽ مقرر ڪيا آهن ۽ مجموعي طور تي 1313 ماڻهو ان پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن، مشينري بشمول 128 ڊمپرز، 101 ٽريڪٽرز، 61 واٽر هائوزرس، 83 ايڪسڪيوٽيرز، 42 رولرز، 19 دوزرس ۽ اهڙي طرح جي ٻين اوزارن ذريعي ان پروجيڪٽ تي ڪم ٿي رهيو آهي. واضح هجي ته پروجيڪٽ جي ڊيگهه 121 ڪلوميٽر آهي، اوپن ڪئنال 94.33 ڪلوميٽر آهي، آر سي سي سائيفون 5.26 ڪلوميٽر طويل آهي. ڪي فور پروجيڪٽ جي پئڪيج ۾ 4.9 بلين رپين جا پائپس، 4.9 بلين رپين جو زميني ڪم، 1.18 بلين رپين جا ڪلورٽس، 1.25 بلين رپين جي ڪئنال لائننگ ۽ 2.72 بلين رپين جا ٻيا ڪم شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت پنهنجي پي ايس ڊي پي 17-2016ع ۾ 1000 ملين رپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان 400 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت 6 بلين رپيا مختص ڪيا هئا، جن مان 3 بلين رپيا جاري ٿي چڪا آهن. وڏي وزير ايف ڊبليو او تي زور ڀريو ته اهي ڪم جي رفتار کي تيز ڪن ته جيئن باقي 3 بلين رپيا به جاري ڪري سگهجن، هن اهڙيءَ ريت وفاقي حڪومت کي به درخواست ڪئي ته بقايا رقم جاري ڪئي وڃي ۽ ايندڙ مالي سال ۾ پنهنجي حصي جا 9 بلين رپيا به مختص ڪري. ڪي فور پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر سليم صديقي چيو ته زمين کي حاصل ڪرڻ به هڪ مسئلو آهي. هن چيو ته 11936 ايڪڙ سرڪاري ايراضي ۽ 1053.28 ايڪڙ خانگي ايراضي آهي، جيڪا ڪجهه ڳوٺن مان گذري رهي آهي. ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي هدايت ڪئي ته هُو ان مسئلي کي حل ڪري ۽ پروجيڪٽ لاءِ زمين جو انتظام ڪري ته جيئن اهو منصوبو 2018ع ۾ مڪمل ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *