ڪي اليڪٽرڪ قبلو درست نه ڪيو ته ذميوار سلاخن پويا هوندا: سنڌ حڪومت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي ترقي ۽ هتي ميگا پروجيڪٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪري عوام کي سهولتن جي فراهمي اسان جي پهرين ترجيح آهي. ايئن محسوس ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي مڪمل طور تي ڊس اوون ڪري ڇڏيو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميه کي خبردار ڪريون ٿا ته هو پنهنجو قبلو فوري طور درست ڪري ورنه ان جي پوري انتظاميا کي سلاخن پويان وڃڻو پوندو. اسان وفاقي حڪومت، واپڊا ۽ ڪي اي کي به وارن ڪريون ٿا ته هو پنهنجو قبلو درست ڪن، ڇو ته اسان ڀڃ ڊاهه جي سياست نٿا چاهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن صفوران چورنگي تي الاظهر گارڊن ڏانهن ڪي ايم سي پاران ساڍا 12 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان صرف 45 ڏينهن اندر اندر 5 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 36 فوٽ ويڪرو ڪارپيٽيڊ روڊ جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن گيانچند ايسراڻي، ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي شعيب احمد صديقي، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي سميع صديقي، ڊائريڪٽر جنرل ٽيڪنيڪل سروسز نياز سومرو، سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز مسعود عالم، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن سنڌ يوسف ڪابورو ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ جنهن جديد طريقي سان ٺهيل رستي تي اسان موجود آهيون اها ڏيڍ مهينو اڳ هڪ کنڊر ۽ جهنگ جيان هئي. هن چيو ته آئون ڪي ايم سي جي سمورن انهن آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مبارڪون ڏيان ٿو ته هنن 35 ڏينهن جي گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ ڏينهن رات محنت ڪري ان رستي جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪيو. هن چيو ته ان جي ڪوالٽي جي حوالي سان خود هتان جا رهواسي اسماعلي برادري به تصديق ڪئي آهي ۽ انهن جي پنهنجي انجنيئرن ان جي نگراني ڪئي ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ان رستي جي مرمت ۾ اعليٰ معيار جو مٽيريل استعمال ڪيو ويو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان جو مقصد صرف هڪ ئي آهي ته ڪراچي جي عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪئي وڃي. هن چيو ته جلد ئي ملير هالٽ، مهراڻ انڊر پاس، ڄام صادق علي پل سميت ٻيا اهم منصوبا به جلد مڪمل ڪري عوام لاءِ کوليا ويندا. هن چيو ته ان سلسلي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي  اضافي چارج رکندڙ ڪمشنرڪراچي شعيب احمد صديقي به ڏينهن رات ڪوشان آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسٽريٽ لائٽس لڳائڻ ۽ رستن جي استرڪاري جي ڪم جي شروعات به جلد ڪئي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دبئي ۾ سنڌ حڪومت ۽ دبئي سميت ٻين ملڪن جي سيڙپڪارڪمپنين وچ ۾ معاهدي کان پوءِ پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ ڪلفٽن ۽ 2 تلوار کان قائدآباد تائين جديد ايل اي ڊي اسٽريٽ لائيٽس ۽ ان ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرا ۽ مفت وائي فائي جي اضافي سروس جي ڪم جي شروعات ڪئي ويندي ۽ ان کان پوءِ ان کي پوري شهر ۾ پکيڙيو ويندو. شرجيل ميمڻ چيو ته منهنجي ان منصوبي جي اعلان کان پوءِ ڪجهه تنقيد ڪئي وئي ته شهر کي پاڻي ته ناهي ملي رهيو مفت وائي فائي جو ڇا ڪريون ته مون انهن کي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته پاڻي جي فراهمي جي منصوبن تي به ڪم جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ انهن جي مڪمل ٿيڻ تائين اسان ڪراچي کي اسمارٽ سٽي ٺاهڻ جي ٻين منصوبن تي ڪم نٿا روڪي سگهون. هن چيو ته پاڻي جو وائي فائي سان ڪو تعلق نه آهي. هن چيو ته ان منصوبي تي سموري فنڊنگ غير ملڪي سيڙپڪار ڪمپنين ئي ڪنديون ۽ اسان جي ڪوشش هوندي ته ان ۾ سنڌ حڪومت جو ڪو به فنڊ استعمال نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ذاتي مفادن ۾ غلط ڪم ڪندڙن کي ڪنهن صورت ۾ نه بخش ڪيو ويندو. ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه پاران ڪراچي جي شهرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ جي سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ڪي اي جي صرف نااهلي ئي ناهي بلڪ ان ۾ بدنيتي به شامل آهي. هن چيو ته ڪي اي انتظاميه ساليانو 16 ارب رپين جو خالص منافعو هن شهر مان ڪمائي رهي آهي. پر هو هتي جي ترسيلي نظام ۽ سسٽم تي ڪجهه ناهن ڪري رهيا هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ مڪمل طور تي نااهل ٿي وئي آهي ۽ حڪومت ان خلاف سنجيدگي سان قانوني ايڪشن کڻڻ جي باري ۾ سوچي رهي آهي. هن چيو ته بجلي جي ترسيلي نظام جي ذميوار نيپرا به آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران ڪيترا ڀيرا وفاقي حڪومت ۽ نيپرا کي خط به لکيا ويا آهن ته اندرين سنڌ 16 کان 20 ڪلاڪ  جي روزانو جي بجلي جي بندش معمول بڻجي وئي آهي. پر افسوس اسان اڄ اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي مڪمل ڊس اوون ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن سنڌ جي عوام سان زيادتين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت، نيپرا ۽ واپڊا ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه کي خبردار ڪريون ٿا ته هو پنهنجو قبلو درست ڪن. هن وفاقي حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان ڀڃ ڊاهه جي ميان شهبازشريف واري سياست کي سنڌ ۾ اپنائڻ نٿا چاهيون بلڪ اسان سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون. هن ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميه کي خبردار ڪيو ته هاڻ معاملا برداشت کان ٻاهر ٿي چڪا آهن ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه پنهنجو قبلو درست ڪري ٻي صورت ۾ ان جي پوري انتظاميه کي جيل جي سلاخن پويان وڃڻو پوندو.هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ عدالتي حڪمن جو ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن ۽ عدالت جي واضح حڪمن جي باوجود واٽر بورڊ جي تنصيبات تي لوڊ شيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي ڪري عوام پاڻي جي سخت بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي هاڻي سنڌ حڪومت ۽ عوام ٻئي نه ڇڏيندا. ٻئي طرف سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ بدترين بجلي جي بريڪ ڊائون ۽ لڳاتار لوڊشيڊنگ جو سخت نوٽيس وٺندي ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کي چيو آهي ته شهر ۾ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ جي ناڻي ۽ توانائي واري سينيئر وزير سيد مراد علي شاهه ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو کي فون ڪري ڪراچي ۾ بجلي جي بحران تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي بابت صوبائي حڪومت جي شديد خدشن بابت آگاهه ڪيو. سيد مراد علي شاهه ڪراچي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو کي سمورا وسيلا ڪتب آڻي شهر ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي شديد بريڪ ڊائون تي ضابطو آندو وڃي. سيد مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي کي به فون تي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميه سان رابطي ۾ رهي ته جيئن ٻيهر اهڙي صورتحال پيش نه اچي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *