ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ۽ انگلش آل رائونڊر بين اسٽوڪس ” نيوزيلينڊر۾“ ايوارڊ لاءِ نامزد

ويلنگٽن ( اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن ۽ انگلش آل رائونڊر بين اسٽوڪس کي نيوزيلينڊر آف دي ايئر ايوارڊ جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن کي اهو اعزاز ورلڊ ڪپ 2019ع ۾ بهترين ڪپتاني ۽ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ڏنو ويندو. ٻئي پاسي نيوزيلينڊر آف دي ايئر ايوارڊ جي لاءِ انگلش ٽيم جي  آل رائوندر بين اسٽوڪس کي به نامزد ڪيو ويو آهي. نيوزي لينڊر ايوارڊ جي سربراهه وضاحت ڪئي آهي ته بين اسٽوڪس نيوزيلينڊ جي طرفان ناهي کيڏيو پر هو نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ پيدا ٿيو آهي، هن ٻڌايو ته بين اسٽوڪس پنهنجي ماءُ سان گڏ 12 سالن جي عمر ۾ انگلينڊ هليو ويو هو. هن انگلينڊ ۾ رهائش کي ترجيح ڏني جڏهن ته سندس ماءُ ۽ پيءُ نيوزيلينڊ ۾ ئي رهندا آهن. ياد  رهي ته بين اسٽوڪس جو تعلق نيوزيلينڊ سان آهي پر هاڻ انگلينڊ جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اهم رانديگر آهي ۽ سندس انگلش ٽيم کي عالمي چيپيئن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار رهيو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *