ڪيويز، شاهينن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا،اوپنرن ئي پاڪستان کان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ کٽي ورتي

هيملٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي ٻارن جيان ڪٽيندي بنا وڪيٽ وڃائڻ جي سولائي سان ڪاميابي ماڻي ورتي، پهرين ميچ ۾ ڪاميابي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 18

ماڻيندڙ پاڪستاني ٽيم جا بالر ٻي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جو وار به ونگو نه ڪري سگهيا ۽ ٻنهي ميزبان اوپنرن ئي پاڪستان کان ميچ کٽي ورتي، پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ کٽڻ لاءِ ميزبان نيوزيلينڊ کي 169 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو،جيڪو ان بنا وڪيٽ وڃائڻ جي 17 ڏهائي 4 اوورن ۾ پورو ڪري ٽن ميچن واري سيريز هڪ هڪ تان برابر ڪري ڇڏي، ڪيويز جي اوپنرن ميدان ۾ ايندي ئي چئني پاسي شاندار اسٽروڪ کيڏي پاڪستاني رانديگرن کي سهڪائي ڇڏيو ۽ ففٽيون هڻي ويا، مارٽن گپٽل 58 بالن تي 9 چوڪن ۽ 4 ڇڪن جي مدد سان 87 ۽ وليمسن48 بالن تي 11 چوڪن جي مدد سان 72 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، ان کان پهرين هيملٽن جي ميدان تي پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي عمر اڪمل جي دونهيندار ففٽي ذريعي 6 وڪيٽون وڃائي 168 رنسون ٺاهيون، جيتوڻيڪ پاڪستان جي شروعات سٺي نه ٿي ۽ اوپنر احمد شهزاد رڳو 9 رنسون ٺاهي موٽي ويو ۽ ان کانپوءِ محمد حفيظ به 19 ۽ صهيب مقصود 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا پر شعيب ملڪ ۽ عمر اڪمل ذميواري سان کيڏيا، ان دوران شعيب ملڪ به پاڻ ملهائيندي 30 بالن تي 5 چوڪن جي مدد سان 39 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته عمر اڪمل وڪيٽ تي ڄمي بيهي رهيو ۽ نه رڳو تيز رفتاري سان پنهنجي ففٽِي هڻي ويو پر پاڪستان کي به مضبوط پوزيشن تي پهچائي ڇڏيو، هن دونهيندار بيٽنگ ڪندي 27 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 56 رنسون ٺاهيون ۽ آئوٽ نه ٿيو، جڏهن ته شاهد آفريدي سوڌو ٻيو ڪوبه بيٽسمين ڊبل فگرز ۾ به نه پهتو، نيوزيلينڊ طرفان مڪ ڪلينگن 2 وڪيٽون ورتيون،جڏهن ته سينٽنر، اينڊرسن، ملني ۽ ايليٽ هڪ هڪ شڪار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *