ڪيون پيٽرسن پي ايس ايل ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي افواهن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ بيٽسمين ڪيون پيٽرسن پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ شرڪت نه ڪرڻ وارين خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته ان قسم جي افواهن ۾ ڪا به حقيقت نه آهي، تفصيل موجب ڪجهه ڏينهن اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته پيٽرسن معاوضي جي تڪرار تي پاڪستان سپر ليگ کيڏڻ کان انڪار ڪيو آهي، انگلش بيٽسمين گذريل ڏينهن ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ اهڙين خبرن کي غلط قرار ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *