ڪين وليمسن نيوزيلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ڪين وليمسن کي باقاعده طور تي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو آهي، اهڙي طرح هو نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو 29هون ڪپتان بڻجي ويو آهي، 25 سالن جو  ڀارت ۾ ٿيل ورلڊ ٽي -20 ورلڊ ڪپ ۾ اڳواڻي جا فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي، ان کي برينڊن ميڪ ڪولم جي جاءِ تي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، ميڪ ڪولم هلندڙ سال فيبروري ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو، گذريل ڏينهن نيوزيلينڊ طرفان جاري ڪيل تفصيل مطابق ڪين وليمسن کي ٽنهي فارميٽ لاءِ نيوزيلينڊ جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، وليمسن 48 ٽيسٽ، 93 ون ڊي ۽ 35 ٽي -20 ميچن ۾ نيوزيلينڊ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *