ڪينسر جو علاج مهانگو ۽ پهچ کان ٻاهر آهي، سنڌ حڪومت علاج جون سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ ڪينسر جي مريضن جو علاج تمام مھانگو ۽ خانگي شعبي ۾ غريب مريضن جي پھچ کان ٻاھر آھي، انڪري سندس حڪومت سرڪاري سطح تي ڪينسر جي علاج جي حوالي سان سھولتن کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آھي ۽ ويلفيئر ادارن جي طور تي ھلندڙ اسپتالن ۾ علاج معالج جي خرچن کي سبسڊائيز بھ ڪندي. ھن اھا ڳالھھ اڄ ڪينسر فائونڊيشن جي ھڪ وفد جنھن جي اڳواڻي چيئرمين مقصود انصاري ڪري رھيو ھو سان ڳالھائيندي ڪئي، وفد جي ٻين ميمبرن ۾ انجينئر حاجي ناظم، سرجن عابد جمال شامل ھئا، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، صحت وارو سيڪريٽري سعيد اعواڻ پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ ڪراچيءَ ۾ 40 ريڊيئيشن مشين جي منظوري ڏني وئي آھي. وڌيڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو تھ ڪرن اسپتال ۾ ڪينسر جا مريض ريڊيئيشن لاءِ ٻن مھينن جي انتظار تي ھوندا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سنڌ حڪومت پي پي پي موڊ يعني مخير ماڻھن ذريعي ريڊيئيشن مشين خريد ڪرڻ چاھي پئي. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت مدد ڪندي تھ جيئن 12 لک خرچ واري ڪينسر جي مريضن جو علاج سبسڊائيز ڪري 2 لک تائين ڪيو وڃي. وڏي وزير کي آگاھي ڏني وئي تھ ريڊيئيشن جو خرچ خانگي اسپتال ۾ 7000 رپين جو خرچ آھي جيڪو سبسڊائيز ڪري 1000 رپيا ڪرڻ چاھيون ٿا. وڏي وزير چيو تھ بي ايم ٽي مشين کي لڳائڻ غريب مريضن لاءِ تمام سٺو آھي، جيڪو بھتر سروس ڏئي رھي آھي. ھن چيو تھ اسان جنھن ريت دل جي علاج جو بھتر ڪم ڪيو آھي اھڙي طرح ڪينسر جي مريضن جو پڻ ڪرڻ چاھيون ٿا. وڏي وزير سيڪريٽري صحت، ڪينسر فائونڊيشن جي چيئرمين کي ھدايت ڪئي تھ سيڪريٽري فنانس سان گڏجي ميٽنگ ڪري مالي سھڪار کي يقيني بڻايو وڃي، سيد مراد علي شاھھ چيو تھ اسان مالي مشڪلات جو شڪار آھيون پر انسانيت جي خدمت لاءِ ڀرپور اپاءَ ورتا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *