
ٺٽو (ڊ،ر) ڪينجھر ڍنڍ ۾ مڇي جو شڪار ڪندي حيدرآباد واسي 2 نوجوان ٻڏي ويا. مقامي مھاڻن لاش ڪڍي پوليس حوالي ڪيا. حيدرآباد جي فتح چوڪ جا رهواسي 25 سالن جو شهزاد شيخ ۽ 24 ورهين جو محمد وقار شيخ ڪينجهر ڍنڍ ۾ مڇيءَ ماري رهيا هئا ته هڪ نوجوان ڍنڍ ۾ ڪري پيو، کيس بچائڻ جي ڪوشش ۾ ٻئي به ٽپو ڏنو ۽ نتيجي ۾ ٻئي نوجوان فوت ٿي ويا.
مقامي ٻنهي ٽوٻن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ۽ پوليس حوالي ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته رابطو ڪرڻ بعد فوتين جا وارث پهتا، ضروري ڪارروائي بعد لاش سندسن حوالي ڪيا ويا آهن.