ڪينجهر ۾ ٻيڙي اونڌي، 4 ڄڻا ٻڏي ويا، 10 کي بچايو ويو، 2 لاش هٿ

ٺٽو(ڊ.ر) ڪينجهر ڍنڍ ۾ گهمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 4 ڄڻا ٻڏي ويا آهن جڏهن ته ريسڪيو آپريشن ۾ 10 ڄڻن کي زنده بچايو ويو آهي ٻيڙي ۾ سوار 14 ڄڻا نوري ڄام تماچي جي مزار تان زيارت ڪري واپس اچي رهيا هئا ته اوچتو انهن جي ٻيڙي اونڌي ٿي پئي جنهن سبب حادثو پيش آيو ريسڪيو اهلڪارنطرفان 2 لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته باقي 2 جي تلاش جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *