ڪيمرون، 0 6 هين دولت مشترڪه ڪانفرنس ۾ 3 5 ملڪن پاڪستان کي 1 6 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ چونڊي ورتو

ڪيمرون (م.ڊ) ڪيمرون ۾ ٿيندڙ 0 6 هين دولت مشترڪه ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس دوران 3 5 ملڪن سان تعلق رکندڙ لڳ ڀڳ 0 0 2 پارليامينٽيرين پاڪستان کي 1 6 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ چونڊي ورتو. قومي اسيمبلي اسپيڪر سردار اياز صادق 5 1 0 2 Á4 1 0 2 ع لاءِ دولت مشترڪه پارلياماني اسيمبلي جي صدر چونڊجڻ بعد جڏهن ڪرسي صدارت سنڀالي ته ڏکڻ آفريقا، مالٽا، تنزانيا سميت آفريقا سان تعلق رکندڙ پارلياماني ميمبر پنهنجي علاقائي ۽ روايتي انداز ۾ ناچ ڪندا آجياڻي جا نغما ڳايا. ان موقعي تي قومي اسيمبلي اسپيڪر شريڪ ٿيلن جو شڪريو ادا ڪيو جن پاڪستان کي 5 1 0 2 ع جي دولت مشترڪه پارلياماني اسيمبلي جي ميزباني لاءِ چونڊيو. ان کان پهريان سردار اياز صادق پاڪستان کي بحيثيت ميزبان متعارف ڪرائڻ لاءِ شريڪ ٿيلن سامهون هڪ تجويز پيش ڪئي جنهن ۾ هڪ دستاويزي فلم جي مدد سان پاڪستان جو تعارفي خاڪو پيش ڪيو ويو. دولت مشترڪه جي پارلياماني اجلاس کي خطاب ڪندي سردار اياز صادق چيو ته اڳين سال 1 6 هين دولت مشترڪه ڪانفرنس جي ميزباني لاءِ پاڪستان جي چونڊ ڪرڻ حقيقت ۾ عالمي دنيا طرفان پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ نظامِ حڪومت تي اعتماد ڪرڻ برابر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت وڏي تيزيءَ سان ڦهلجي رهي آهي ۽ دنيا اهو ڏٺو ته 3 1 0 2 ع ۾ هڪ چونڊيل عوامي حڪومت ٻي چونڊيل عوامي حڪومت کي اقتدار سونپيو، اهي پاڪستاني پارلياماني تاريخ ۾ وڏا يادگار لمحا هئا. قومي اسيمبلي اسپيڪر ڪانفرنس جي شريڪ ٿيلن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ ملٽري آپريشن وڏي ڪاميابي سان جاري آهي جنهن جي ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو پيو وڃي، ان ڪاميابي کي پوري دنيا به ڏاڍو ساراهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت بغير ڪنهن خوف جي سياسي سرگرميون جاري آهن جنهن ۾ وڏيون ريليون ۽ عوامي ميڙ به شامل آهن، اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان وري امن جو گهوارو بڻجي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *