ڪيسن ۾ عورتن جي ضمانت ۾ نرمي جي ضرورت آهي: چيف جسٽس

لاهور (اين اين آءِ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسه چيو آهي ته ڪيسن ۾ عورتن جي ضمانت ۾ نرمي جي ضرورت آهي، ضلعي عدليه ۾ 300 ججز عورتون ڪم ڪري رهيون آهن سپريم ڪورٽ ۾ به ججز عورتون جلد مقرر ٿينديون. ججز عورتون مردن جي غالب معاشري ۾ ڪم ڪري رهيون آهن زندگي جي هر شعبي ۾ عورتن کي بااختيار بنائڻو پوندو ڇو ته عورتن جو معاشري ۾ ڪردار وڌندو پيو وڃي اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽين وومين ججز ڪانفرنس جي آخري ڏينهن خطاب دوران ڪيو ان موقعي تي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس سردار شميم احمد خان، جسٽس عائشه اي ملڪ سميت ٻيا به موجود هئا. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته ڄاڻايل ڪانفرنس جي اهتمام سان ججز عورتن جا حوصلا وڌيا ۽ عورتن جي قانون جي شعبي ۾ حوصلا وڌايا ويندا ججز عورتن جي ڪانفرنس جو اهتمام اسان سڀني لاءِ فخر آهي عورتن ججز لاءِ هر سال ٿيندڙ ڪانفرنس لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ جديشل جو اهم قدم آهي هن چيو ته قرآن پاڪ ۾ انصاف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي الله تعاليٰ اسان کي انصاف ڪرڻ ۽ امانتون خيانت کانسواءِ موٽائي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ٿو الله تعاليٰءِ جو ارشاد آهي ته مان انصاف ڪندڙن سان محبت ڪيان ٿو هي الله تعاليٰ اسان کي چئي رهيو آهي دنيا ۾ انصاف ڪرڻ جنت حاصل ڪرڻ جو ڪافي سستو سودو آهي انصاف سان فيصلا ڪندڙ ماڻهو الله جي پيارن ۾ شامل ٿين ٿا معاشري جي مظلوم ماڻهن کي بهترين انصاف فراهم ڪرڻ وڏي عبادت آهي اسان عدالتن ۾ انصاف ڪرڻ لاءِ ويهون ٿا اسان کي ڪيسن جي هڪ ڪاز لسٽ ڏني وڃي ٿي جيڪا اسان وٽ امانت هوندي آهي جيڪڏهن اسان سموري ڪاز لسٽ ۾ موجود ڪيس نه ٿا ٻڌي سگهون ته ماڻهن جي امانتن ۾ خيانت ٿئي ٿي. چيف جسٽس چيو ته جينڊر بيسڊ ڪورٽس وڏو قدم آهي پاڪستان ۾ صنفي امتياز شروع کان ئي هلندو پيو اچي نوڪري کان وٺي تعليمي ادارن ۾ ڪوٽي تائين هر هنڌ صنفي فرق موجود هوندو آهي عورتون معاشري ۾ مختلف قسمن کي منهن ڏئي رهيون آهن وراثت ۾ حق جو معاملو هجي، يا روزه مره گهريلو تشدد جو سلسلو عورتن جي گهڻائي اهڙن ظلمن جو شڪار آهي اسان جو آئين ۽ مختلف قانون عورتن کي خاص حق ڏين ٿا ضابطه فوجداري تحت عورت ملزم کي ضمانت  ملڻ آساني موجود آهي اسان کي عورتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻو آهي هن چيو ته آئين ۾ اقليتن سميت هر شهري کي هڪ جهڙا حق حاصل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *