ڪير ٿو چوي ته عمران خان مٿان هٿ هٽجي ويو،نواز شريف اچي ويزا ۽ ٽڪيٽ مان ڏيندس : شيخ رشيد

ڪراچي (م.ڊ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آھي ته عمران خان ڪيڏانهن به نه پيو وڃي، ڪير ٿو چوي ته عمران خان مٿان هٿ هٽجي ويو آهي، ادارا 20، 20 سالن جي پاليسي ٺاهيندا آهن، هو آخري ساهه تائين ڪرپشن سٽيل سياست خلاف ويڙهه جاري رکندو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي شيخ رشيد چيو ته  اسان طالبان حڪومت جي مدد ڪنداسين، انهن اسان کي خاطري ڪرائي آهي ته اهي پنهجي زمين اسان جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندا، طالبان جي اچڻ سان حالتون تبديل ٿيون آهن، هن چيو آهي ته آصف زرداري چيو ته مان لاهور ۾ ڪيمپ هڻندس، زرداري صاحب اوھان جو ۽ منهنجو رٽائرڊ ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي، شهباز شريف جهڙا ڪرپٽ ماڻهو اسان جي ڳچيءَ ۾ ڇا هٿ وجهندا، پنهنجي شڪل ڏٺي اٿس پنهجي، هي ڪرپٽ ترين ماڻهو آهن، نواز شريف ۽ آصف زرداري ڪرپٽ ترين خاندان آهن، هاڻي ڳالهه ووٽن کان اڳتي وڌي رهي آهي، پنجاب ۾ وڏا ڪم ٿيا آهن پر اسين وضاحت نه ڪري سگهيا آهيون، هن چيو آهي ته نواز شريف کي اچڻو آهي ته ٽڪيٽ مان ڏيندس، اوهان رڳو بيماري جو ڊرامو ڪيو، ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ناهي، هو اتي ويهي رڳو عدليه ۽ فوج تي تنقيد ڪئي آهي. هن چيو آهي ته عمران خان ڪاڏي نه پيو وڃي، اوهان ڀلي اچو، اوهان جي خاندان جا ماڻهو به اتي موجود ناهن، اهي پاڻ پاڻ فوجي نرسرين جي پيداوار آهن. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته الطاف حسين بابت سوال ڏکيو آهي، متحده باني سان ڳالهيون نه ٿيون ڪري سگهجن، ان تي قتل عام سوڌو سنگين قسم جا الزام آهن، هن چيو آهي ته گذريل ڏينهن قائد جي مزار تي حاضري ڏني هئي، مان سدائين مسيحي برادري جي ايونٽس ۾ شرڪت ڪندو آهيان، ڪراچي جي شهرن کي گرين لائين بس جي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته مان مراد علي شاهه کي چوان ٿو ته وفاق سان گڏجي صحت ڪارڊ جاري  ڪري، بلدياتي اليڪشن ۾ هارائڻ کٽڻ ٿيندو رهندو آھي، مان نادرا جي بهتري لاءِ سنڌ جو دورو ڪندس، سنڌ ۾ به جلد بلدياتي اليڪشن ٿيندا، بلدياتي اليڪشن کان جنرل اليڪشن ٿيندا آهن ان وقت تائين چار سال ٿي ويندا آهن ۽ عام چونڊن ۾ 40 سيڪڙو ووٽ اميدوار کڻندو آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *