ڪيئن چئي سگهون ٿا ته انجنيئرڊ چونڊون ٿيون، ثبوت ڏيو: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) 2013 جي عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزادو چيو آهي ته بلوچستان ۾ اليڪشن نه پر سليڪشن ٿيندي آهي جڏهن ته چيف جسٽس ناصرالملڪ چيو ته اوهان ڪيئن چئي سگهون ٿا ته بلوچستان ۾ انجنيئرڊ چونڊون ٿيون جيڪڏهن ايئن آهي ته اوهان اسان کي مواد ڏيکاريو اڱاري تي چيف جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ ٿيل جڊيشل انڪوائري ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزادو دليل ڏيندي چيو ته بلوچستان ۾ اليڪشن نه پر سليڪشن ٿيندي آهي اتي انجنيئرڊ چونڊون ٿيون ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنز تي نه ووٽر هئا نه چونڊ عملو ڪجهه ووٽ وٺندڙ به عوامي نمائندا چونڊجي ويا جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان ڪيئن چئي سگهو ٿا ته بلوچستان ۾ انجنيئرڊ چونڊون ٿيون جيڪڏهن ايئن آهي ته اوهان اسان کي انجنيئرڊ اليڪشن جو مواد ڏيکاريو جسٽس اعجاز افضل چيو ته ماڻهو ووٽ وجهڻ نه آيا ته ڇا هي اليڪشن ڪميشن جي غلطي اهي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اين اي 125 ۾ هڪ لک 20 هزار واڌو بيلٽ پيپرز جا ذميوار آر اوز ۽ لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر آهي هن چيو ته اين اي 125 ۾ فارم 15 جي غائب ٿيڻ جي شرح 75 سيڪڙو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *