
ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته مون ڪوبه ڏوهه نه ڪيو آهي، بيگناهه سزا ڪاٽي رهيو آهيان، خابرو ادارن موجب ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم جو چوڻ هو ته بيگناهه انهن ڏوهن جي سزا ڪاٽي رهيو آهيان، جيڪي مون ڪيان ئي نه آهن، ان موقعي تي ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل عامر رضا نقوي جو چوڻ هو ته چيئرمين نيب جڏهن به آرڊر پاس ڪري ٿو ته ان جي وجه به لکي وڃي، جيڪو ان ڪيس ۾ ناهي لکيو ويو.