ڪوڙو اڪائونٽ ڪيس: کوٽيو پهاڙ ۽ نڪتو ڪوئو، پيپلز پارٽي جي آءِ ٽي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪوڙي اڪائونٽ ڪيس ۾ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان ٻڌايو ته پ پ ڄاڻايل رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي طرفان بڻايل رپورٽ کوٽيو جبل ۽ نڪتو ڪئو جي برابر آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان رپورٽ تي رد عمل ڏيندي ٻڌايو ته افسانا کربين رپين جي مني لانڊرنگ بابت هئا جڏهن ته رپورٽ ناشتي، ڌوٻي جي بل ۽ صدقي جي ٻڪرن تي بڻائي وئي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو جي آءِ ٽي جي رپورٽ ليڪ ٿيڻ جو نوٽيس نه وٺڻ به افسوس جوڳو آهي. هن چيو ته وزير اعظم  جي خاص مددگار شهزاد اڪبر جي جي آءِ ٽي ميمبرن سان ملاقات جانبداري ظاهر ڪري ڇڏي هئي. بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان ٻڌايو ته پارٽي وڪيلن سان ڳالهين بعد ان رپورٽ تي حتمي حڪمت عملي بڻائيندي. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سعيد غني شوڪت خانم ٽرسٽ جي فنڊن جي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته ان ٽرسٽ جي فنڊن جي فرانزڪ جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته عمران خان جي ڀيڻ عليمه خانم جي خلاف جاچ ٿي ته وزير اعظم عمران خان پڪڙيو ويندو، ڇو ته عليمه خان پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي چندي جي رقم ۾ ڪرپشن ڪئي. سعيد غني الزام هنيو ته بني گالا ۾ زمين چندو چوري ڪري حاصل ڪئي وئي ۽ هتي بڻايل محل ڪرپشن سان بڻايو ويو. پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته تاريخ 2018ع جي چونڊن کي تاريخ چونڊ قرار ڏيندي، جنهن ۾ ڪجهه چورن جي ڪري چونڊ نتيجا چوري ڪيا ويا.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *