ڪوڙا الزام لڳائڻ تي شريف خاندان ۽ ان جي ساٿين جو ٿورائتو آهيان: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڪوڙا الزام لڳائڻ تي شريف خاندان ۽ ان جي ساٿين جو ٿورائتو آهيان. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ عمران خان چيو ته ڪوڙن الزامن جي ڪري مون کي 40 سالن جي مالي حساب ڪتاب جو موقعو مليو، ڪوڙن الزامن تي شريف خاندان ۽ ان جي ساٿين جا ٿورا ٿو مڃيان، پاڻ کي قوم جي آڏو احتساب لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته احتساب سان ئي شريف خاندان جا مالي ڏوهه بي نقاب ٿيا، شريف خاندان سڄي قوم جي سامهون بي نقاب ٿي ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *