ڪوٽ ادو ويجهو اسڪول وين ۽ مسافر بس ۾ ٽڪر سبب 4 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا فوت

مظفر آباد(م.ڊ) ڪوٽ ادو باءِ پاس ويجهو بس ۽ اسڪول جي وين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙن سميت 6 ماڻهو فوت، جڏهن ته 15 زخمي ٿي پيا. پوليس مطابق سي پبلڪ اسڪول جي بس جيڪا تونسا بئراج ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ٻارڙن ۽ استادن کي کڻي ڪوٽ ادو اچي رهي هئي ته اسڪول وين جو ڪوٽ اد باءِ پاس ويجهو سامهون ايندڙ تيز رفتار بس سان ٽڪر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور حسن رضا ۽ 2 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 15 زخمي ٿي پيا. فوتين ۽ زخمين  شاگرد ۽ استاد پڻ شامل آهن. زخمين کي اسپتال ۾ طبي امداد فراهم ڪئي وئي. هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *